مني لانڊرنگ ڪيس: مونس الاهي جون سڀ ملڪيتون منجمد

لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ اداري مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي پٽ مونس الاهي جون سموريون ملڪيتون منجمند ڪري ڇڏيون آهن.
لاهور جي اسپيشل سينٽرل ڪورٽ ۾ مونس الاهي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي، ايف آءِ اي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.
عدالت مني لانڊرنگ ڪيس جي گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم جاري ڪيو.
لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته رپورٽ موجب مونس الاهي عدالت مان اشتهاري ٿي چڪو آهي جڏهن ته مونس الاهي جي گرفتاري لاءِ ريڊ نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.