عدت دوران نڪاح ڪيس ۽ توشانا ريفرنس: بشريٰ بي بي جو عدالت سان رابطو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف جي باني جي گهرواري بشرا بي بي توشه خانه ريفرنس ۽ عدت دوران نڪاح ڪيس ۾ سزا خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بشرا بي بي جي وڪيل بئريسٽر سلمان صفدر، ظهير عباس ۽ عثمان گل طرفان درخواستون داخل ڪيون ويون آهن.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته عدت ۾ نڪاح جي ڪيس جو فيصلو غير قانوني، غير اسلامي، غير شرعي ۽ انصاف جي ابتڙ آهي، سزا جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.
ٻي درخواست ۾ اها به استدعا ڪئي وئي آهي ته توشه خانه ريفرنس ۾ احتساب عدالت طرفان ڏنل سزا کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.