سراج الحق جي استعيفيٰ نامنظور، ٻيهر جماعت جي قيادت سنڀالي ورتائين

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي مجلس شوريٰ سراج الحق جي استعيفيٰ قبول نه ڪئي، جنهن بعد سراج الحق ٻيهر جماعت اسلامي پاڪستان جي قيادت سنڀالي ورتي.
جماعت اسلامي جي مرڪزي مجلس شوريٰ جو هنگامي اجلاس جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ جي صدارت هيٺ منصوره ۾ ٿيو.
اجلاس ۾ شوريٰ جي ميمبرن چيو ته سراج الحق اڳ جيان جماعت جي امير جي حيثيت سان ذميواريون سنڀالي.
سراج الحق سان ڪميٽي جي ميمبرن لياقت بلوچ، امير العظيم، رشيد نسيم، پروفيسر ابراهيم، اسدالله ڀٽو ملاقات ڪئي.
ترجمان قيصر شريف چيو ته مرڪزي مجلس شوريٰ متفقه طور تي امير جماعت اسلامي سراج الحق جي استعيفيٰ رد ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.