”ڀلي الزام لڳايو پر ثبوت به پيش ڪيو“ ڪمشنر راولپنڊي جي الزامن تي چيف جسٽس جو ردعمل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڪمشنر راولپنڊي جي الزامن تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسي جو ردعمل سامهون آيو آهي.
سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته الزام ته ڪير به لڳائي سگهي ٿو، الزام لڳائڻ اوهان جو حق آهي ته ثبوت به پيش ڪيو.
چيف جسٽس جو چوڻ هو سڀاڻي ڀلي چوري، قتل جو الزام به لڳايو پر جيڪڏهن الزامن ۾ سچائي آهي ته ثبوت به پيش ڪيو.
هڪ سوال جي جواب ۾ چيف جسٽس چيو ته مون تي الزام لڳي رهيا آهن اِها ڪا نئين ڳالهه ناهي، اليڪشن سان منهنجو ڪو واسطو ناهي، منهنجو ڪردار هڪ حد تائين اليڪشن ڪرائڻ ۾ آهي.
واضح رهي ته ڪمشنر راولپنڊي لياقت علي چٺا راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نگران حڪومت اليڪشن ڪرائڻ لاءِ مون کي مقرر ڪيو هو، مان اليڪشن صحيح نموني نه ڪرائي سگهيو آهيان، استعيفيٰ ڏيان ٿو.
ڪمشنر راولپنڊي چيو ته مان ڊيوٽي صحيح نموني نه ڪري سگهيس، قومي اسيمبلي جي 13 تڪن جا نتيجا تبديل ڪيا ويا، هارايل اميدوارن کي کٽرايو ويو.
هن چيو ته راولپنڊي مان 13 ماڻهن کي کٽرايو ويو، 70، 70 هزار ليڊ وارن کي هارايو ويو، منهنجا ماتحت اهو ڪم نه پيا ڪرڻ چاهين، پرزائيڊنگ آفيسر منهنجي سامهون روئي رهيا هئا.
لياقت علي چٺا الزام لڳائيندي چيو ته چونڊ ڌانڌلي ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ چيف جسٽس پاڪستان به ملوث آهن، مون سميت انهن کي به استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مون کي راولپنڊي جي ڪچهري چوڪ تي موت جي سزا ڏني وڃي، مون سان اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين کي به سزائون ڏنيون وڃن.
ڪمشنر راولپنڊي چيو ته مان نٿو چاهيان ته 1971 جو واقعو ٻيهر ٿئي، فجر ويل مون آپگهات جي ڪوشش به ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.