هدايت لوهار جو قتل شعور جو قتل آهي: ساڃاهه وند

حيدرآباد ( رپورٽر) قومپرست فڪر سان سلهاڙيل، سائين جي ايم سيد جي فڪري پوئلڳ هدايت لوهار جي قتل واري واقعي کانپوءِ سوشل ميڊيا  تي وڏي تعداد ماڻهن سندس قتل جي مذمت ڪئي آهي، ڪيترن ئي ماڻهن کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزادي جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ هدايت لوهار جي نياڻي سسئي لوهار جي اها وڊيو به شيئر ڪندي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، جنهن وڊيو ۾ هوءَ ڌرڻي دوران کٽ تي پيل پنهنجي والد جي مڙهه جي ڀرسان پٽ تي ويهي هنجون هاري رهي آهي، درد ۽ پيڙا جو احساس ڏياريندڙ ان وڊيو تي هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن مذمتون ڪيون آهن. سنڌ جي ساڃاهه وند ڌرين هدايت لوهار جي قتل کي شعور جو قتل قرار ڏنو آهي، هنن لکيو ته هدايت لوهار هڪ استاد هجڻ سان گڏ سنڌ ۾ سياسي شعور جي مضبوطي جي لاءِ جاکوڙ ڪري رهيو هو، هن جو قتل سنڌ جي قومي تحريڪ جي لاءِ وڏو نقصانڪار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.