اسلام آباد (م ڊ) عمران خان جي هدايت تي پاڪستان تحريڪ انصاف مرڪز ۽ پنجاب ۾ اپوزيشن ۾ ويهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ قومي وطن پارٽي جي اڳواڻن سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر سيف جو چوڻ هو ته پاڪستان تحريڪ انصاف اپوزيشن ۾ ويهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بئريسٽر سيف جو چوڻ هو ته اڄ قومي وطن پارٽي سان چونڊن ۾ ڌانڌلي تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ڌانڌلي خلاف احتجاج جي هڪ نقطي ايجنڊا تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هن چيو ته عمران خان جي هدايتن تي سياسي پارٽين سان رابطو ڪري رهيو آهيان، قومي وطن پارٽي جي اڳواڻن سان به ملاقات ڪئي آهي، ملڪ ۾ هم آهنگي ۽ مفاهمت چاهيون ٿا، مولانا فضل الرحمان، جماعت اسلامي به احتجاج ڪيو آهي. بئريسٽر سيف چيو ته فارم 45 ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان جا اميدوار کٽن ٿا پر فارم 47 ۾ نتيجا تبديل ڪيا وڃن ٿا، چونڊون هر پنجن سالن بعد ٿينديون آهن ۽ تڪراري بڻجي وينديون آهن، چونڊن جو مقصد ئي مري ويو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته اصولن تي قائم رهي اليڪشن ڪميشن ۽ عدالتن کان انصاف جو مطالبو ڪيون ٿا، آفتاب شيرپائو چيو ته هن اليڪشن کانپوءِ معاشي استحڪام نٿو اچي سگهي.