ايڇ آر سي پي پاران هدايت لوهار جي قتل جي مذمت، اڄ ڪراچي ۾ احتجاج جو اعلان

ڪراچي (پ ر) هيومن رائيٽس ڪائونسل آف پاڪستان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايڇ آر سي پي کي اهو ٻڌي ڏک ٿيو آهي ته اسڪول ٽيچر ۽ سياسي ڪارڪن هدايت لوهار کي نامعلوم ماڻهن ٽارگيٽ ڪلنگ ڪري قتل ڪيو آهي. جڏهن ته مسٽر لوهار پاڻ ٻه سال جبري گمشدگي جو شڪار رهيو ۽ سندس خاندان سنڌ ۾ جبري گمشدگين جي متاثرن لاءِ قابل ذڪر ڪارڪن آهي، ان واقعي کي سنجيدگيءَ سان ورتو وڃي. ايڇ آر سي پي مسٽر لوهار جي قتل جي فوري ۽ شفاف جاچ جو مطالبو ڪري ٿو. ايڇ آر سي پي  پاران اڄ شام 4 وڳي ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران چيئرمين اسد اقبال بٽ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو، جنهن ۾ محترم لوهار جي خاندان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.