نئين فلم رليز ٿيڻ کان اڳ اڍائي ڪلاڪ غسل ڪندو آهيان: شاهه رخ خان

يو اَي اِي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي بادشاهه شاهه رخ خان انڪشاف ڪيو آهي ته هو پنهنجي هر نئين فلم رليز ٿيڻ کان اڳ اڍائي ڪلاڪ غسل ڪندو آهي.
گڏيل عرب امارتن ۾ رٿيل ورلڊ گورنمينٽ سمٽ ۾ ڳالهائيندي شاهه خان جو چوڻ هو ته هو پنهنجي نئين فلم جي رليز کان اڳ هڪ ڪم لازمي ڪندو آهي.
اداڪار چيو ته ڀارت ۾ گھڻو ڪري فلمون جمعي جي ڏينهن رليز ٿينديون آهن تنهنڪري آئون فلم رليز ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ جمع جي رات جو اڍائي ڪلاڪ غسل ڪندو آهيان جنهن سان مون کي تمام گھڻو سڪون ملندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.