معصوم بڻجڻ جي ڪوشش پئي ڪري، ثنا جاويد تي تنقيد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال جي شروعات ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگر شعيب ملڪ سان ٻي شادي ڪندڙ مشهور اداڪارا ثنا جاويد جي انسٽاگرام اسٽوري سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.

ثنا جاويد پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ جي اسٽوري ۾ عالمي شهرت رکندڙ آمريڪي گيت ”بيليوز“ جي وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ گلوڪار کي پُرجوش انداز ۾ ڪنسرٽ ۾ پنهنجن لکين مداحن جي آڏو پرفارم ڪندي ڏسي سگھجي ٿو.

ان گيت ۾ جنهن شخص جي ڪهاڻي ٻڌائي وئي آهي اُهو ننڍي عمر ۾ زندگي جي ڏکيائين کي منهن ڏيندي ٽٽي ويندو آهي، هو شديد ڏک ۾ نظم لکندو آهي ۽ ٻڌائيندو آهي ته هن پنهنجي ڏکئي وقت مان سکيو ۽ هو پنهنجي ڏک سور جي شدت سان مضبوط بڻجي ويو.

ثنا جاويد جي اها انسٽاگرام اسٽوري سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جتي واهپيدارن پاران اداڪارا تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Galaxy Lollywood (@galaxylollywood)

اداڪارا جي انسٽاگرام اسٽوري تي ردعمل ڏيندي واهپيدارن چيو ته ثنا جاويد دوکي باز آهي ۽ هوءَ سڄي عمر دوکي باز ئي رهندي، هوءَ اهڙي قسم جي اسٽوري لڳائي معصوم بڻجڻ جي ڪوشش ڪري پئي پر سچ ته اهو آهي ته اداڪارا پنهنجي اڳوڻي مڙس (عمير جسوال) کي دوکو ڏنو.

واهپيدارن اهو به چيو ته ثنا جاويد آباد گھر خراب ڪيو آهي، هڪ زال کان سندس مڙس، ان جو گھر ۽ پٽ کان ان جو پيءُ کسيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.