ملڪ ۾ اڄ به سون سوين رُپيا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ سوين رُپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 13 سئو رُپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 12 هزار 4 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت 11 سئو 15 رپيا واڌ کانپوءِ 1 لک 82 هزار 99 رُپيا آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 12 ڊالر مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 هزار 25 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.