سلمان خان عظيم ڪردار جو مالڪ آهي: جوني ليور

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور ڪاميڊين اسٽار جوني ليور چيو آهي ته دبنگ اسٽار سلمان خان پنهنجي ڪم جو ٽينشن ناهي کڻندو في فڪر ٿي ڪم ڪندو آهي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب ڪاميڊين اسٽار جوني ليور جو پنهنجي تازي انٽرويو ۾ 90 جي ڏهاڪي جي فلمن ۾ سلمان خان ۽ شاهه رخ خان سان ڪم ڪرڻ جي تجربي تي ڳالهايو.
جوني ليور مشهور فلم ڪرن ارجن جي شوٽنگ جو وقت ياد ڪندي چيو ته ڪرن ارجن جي شوٽنگ دوران سلمان خان پهرين ئي ٽيڪ ۾ پرفيڪٽ سين ڪري وٺندو هو جڏهن ته شاهه رخ خان ايڪشن سين ڪرڻ ۾ ڪمزور هو جنهن جي ڪري سلمان خان کي به هر هر ري ٽيڪ ڪرڻو پوندو هو.
هن چيو ته ايڪشن سين ۾ ڪمزور هجڻ سبب سلمان خان اڪثر مذاق ۾ شاهه رخ خان کي تنگ به ڪندو هو پر آئون هتي چوڻ چاهيان ٿو ته ان ماڻهوءَ (شاهه رخ خان) محنت ڪري پاڻ کي اسٽار بڻايو آهي، هو هاڻي هر سين ڪرڻ ۾ ماهر آهي.
جوني ليور سلمان خان جي تعريف ڪندي چيو ته هو موڊي آهي، عظيم ڪردار جو مالڪ آهي، ڪم جو گھڻو ٽينشن نه وٺندو آهي، في فڪر رهندو آهي ۽ پنهنجي دنيا ۾ مصروف رهندو آهي جڏهن ته شاهه رخ خان پنهنجي ڪم بابت سنجيدهه آهي ۽ هو شوٽنگ کان اڳ پنهنجي ڪردار جا مڪمل تفصيل ڄاڻيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.