لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني فاسٽ بالر نسيم شاهه پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن ۾ هن ڀيري اسلام آباد يونائيٽڊ طرفان ايڪشن ۾ نظر ايندو.
پنهنجي تيز بالنگ سان مخالف بيٽرز جا هوش خطا ڪندڙ نسيم شاهه ميدان ۾ ته بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندو ئي رهندو آهي پر ان سان گڏوگڏ کيس گلوڪاري جو به ڏاڍو شوق آهي ۽ ان حوالي سان ماضيءَ ۾ به سندس ڪيئي وڊيوز سامهون اچي چڪا آهن.
The wait is over! Turn up the volume 🔊
Kali Kali Zulfon Ke FT @iNaseemShah on his birthday 🥳#UnitedWeWin #RedHotSquad🦁 #HBLPSL9 @point_backward pic.twitter.com/nvjy5N7et7
— Islamabad United (@IsbUnited) February 15, 2024
پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز اسلام آباد يونائيٽڊ طرفان هڪ وڊيو ڪلپ جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ميزبان نسيم شاهه کان دلچسپ سوالن ۽ جوابن سان گڏوگڏ ڳائڻ جي فرمائش به ڪري ڇڏي.
وڊيو ۾فاسٽ بالر کي مائيڪ تي ليجندڙي نصرت فتح علي خان جي جڳ مشهور قوالي ” ڪالي ڪالي زلفون ڪي“ ڳائيندي ٻڌي سگهجي ٿو.