ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) انٽر بورڊ جي فرسٽ ايئر 2023ع جي امتحاني نتيجن واري معاملي تي فڪيٽ فائينڊنگ ڪميٽيءَ جي سربراهه رپورٽ نگران وڏي وزير کي پيش ڪري ڇڏي.
فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي طرفان جمع ڪرايل رپورٽ جي روشني ۾ وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر، انٽر بورڊ آءِ ٽي سيڪشن جي انچارج کي فوري طور عهدي تان هٽائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
ان کانسواءِ وڏي وزير ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏيندي پري انجينيئرنگ، پري ميڊيڪل ۽ جنرل سائنس جي شاگردن کي 15 سيڪڙو واڌو مارڪس ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
نگران وڏي وزير چيو ته ڪميٽي جي سفارش تي فرسٽ ايئر جي شاگردن کي رياضيءَ ۾ 15، فزڪس ۽ شماريات ۾ 12 نمبر ڏنا ويندا جڏهن ته ڪيمسٽري ۾ 12، باٽني ۽ زولاجي ۾ 6 اضافي نمبر ڏنا ويندا.
ان سان گڏوگڏ وڏي وزير ڪميٽي جي سفارشن تي تعليمي سال شروع ٿيڻ کان اڳ پيپرز جو پيٽرن ۽ مارڪس جي اسڪيم ٺاهڻ ۽ پيپرز جي جاچ مرڪزن جو انگ واڌئي 10 ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
وڏي وزير موجب، پيپر پيٽرن ۽ مارڪنگ اسڪيم گهٽ ۾ گهٽ ٽن سالن تائين لاڳو رهندي.