آمريڪا جو هڪ ڀيرو وري چونڊن ۾ ڌانڌلي جي جاچ جو مطالبو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا هڪ ڀيرو وري پاڪستان ۾ 8 فيبروري 2024ع تي ٿيل عام چونڊن دوران ڌانڌلي جي الزامن جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر جو چوڻ هو ته آمريڪا پاڪستان ۾ چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي، رڳو پاڪستان نه پر دنيا ۾ ڪٿي به اهڙن الزامن جي مڪمل جاچ ٿيڻ گھرجي.
واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ ڏيندي هن چيو ته اتحادي حڪومت پاڪستان جو اندروني معاملو آهي، فيصلو آمريڪا کي نه پاڪستان کي ڪرڻو آهي.
هن چيو ته آمريڪا پاڪستان ۾ ايندڙ نئين حڪومت سان گڏ ڪم ڪرڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي.
ٻي پاسي آمريڪي نيشنل سيڪيورٽي جي ترجمان جان ڪربي چيو ته پاڪستان جي چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي جي الزام تي وائيٽ هائوس کي ڳڻتي آهي.
هن چيو ته رپورٽس ۾ ٻڌو آهي ته ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ، ووٽرن کي دٻائڻ ۽ ان قسم جا واقعا ٿيا آهن.
سندس چوڻ هو ته اسان ان معاملي کي گھڻو ويجهو کان ڏسي رهيا آهيون، عالمي مانيٽر به ڏسي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.