ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو رمضان پئڪيج، ڪهڙين شين تي سبسڊي هوندي؟

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اقتصادي ڪميٽي ( اي سي سي ) 7 ارب 49 ڪروڙ رُپين کان وڌيڪ جو رمضان پئڪيج منظور ڪري ورتو.
يوٽيليٽي اسٽورز ذريعن موجب، هن سال يوٽيليٽي اسٽورز تي ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي رمضان پئڪيج جو فيصلو ٿيو آهي، گذريل سال يوٽيليٽي اسٽورز تي پنج ارب رُپين جو رمضان پئڪيج منظور ڪيو ويو هو، جڏهن ته هن سال 7 ارب 49 ڪروڙ رُپين کان وڌيڪ جو رمضان پئڪيج منظور ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته يوٽيليٽي اسٽورز تي رمضان رليف پئڪيج چار مارچ کان شروع ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي جڏهن ته رليف پئڪيج 2024 چنڊ رات تائين جاري رهندو.
يوٽيليٽي اسٽورز اختيارين موجب، ٽارگيٽڊ سبسڊي ذريعي اڻويهه بنيادي شين تي رعايت ڏني ويندي، اٽي، کنڊ، گيهه، ڪوڪنگ آئل، چانورن ۽ دالين تي سبسڊي ڏني ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته رمضان پئڪيج ۾ ٽاگيٽڊ سبسڊي کانسواءِ عام واهپيدارن لاءِ به خاص رعايتي قيمت مقرر هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.