ڇا پ پ صدر جي عهدي جو مطالبو ڪيو؟ راڻا ثناءُ الله واضح ڪري ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پ پ صدر جي عهدي جو مطالبو ناهي ڪيو.
هڪ بيان ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته شهباز شريف کي اتحادين سان ڪم ڪرڻ جو تجربو آهي ۽ هو اتحادين سان بهتر نموني ڪم ڪري سگهي ٿو جڏهن ته آصف علي زرداري معاملن سان ڊيل ڪرڻ جو وسيع تجربو رکي ٿو، کيس شين جو ادراڪ آهي ۽ هو ان معاملي ۾ سهڪار ڪندو.
هن چيو ته پ پ طرفان صدر جي عهدي جو مطالبو ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي اسان ڪا ڪمٽمينٽ ڪئي ڪئي آهي، اميد آهي ته فضل الرحمان به حڪومت جو حصو بڻجي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.