لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر سرفراز احمد ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ڪپتاني تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
پي ايس ايل جي نائين ايڊيشن ۾ سرفراز احمد رانديگر طور ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي نمائندگي ڪندي نظر ايندو.
سرفراز احمد ڪوچ شين واٽسن جي تجويز تي ڪپتاني تان هٿ کڻي ورتو آهي.
پي ايس ايل جي نائين ايڊيشن لاءِ رائيلي روسو کي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جو نئون ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته سعود شڪيل نائب ڪپتان هوندو.