”بلاول وزيراعظم نٿو بڻجي ته اپوزيشن ۾ ويهجي“سي اي سي اجلاس ۾ تجويز

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)پيپلز پارٽي جي سي اي سي اجلاس ۾ سياسي، معاشي ۽ حڪومتي صورتحال بابت مختلف تجويزون پيش  ڪيون ويون،اجلاس بنا ڪنهن فيصلي جي ختم، اڄ ٻيهر اجلاس گهرايو ويو،جاري ڪيل پڌرائي موجب پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي سياسي، معاشي ۽ حڪومتي صورتحال بابت مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون ۽ غور ويچار ڪيو ويو. .ملاقات ۾ فريال ٽالپر سميت پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جا سمورا ميمبر موجود هئا.اجلاس جي شروعات جمهوريت جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي ڪئي وئي. ميمبرن آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو جي قيادت تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو، جڏهن ته عام چونڊن ۽ ان تي عوام جي ردعمل، عام چونڊن کانپوءِ ملڪ جي مستقبل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.آصف زرداري چيو ته سنڌ جي ٻين پارٽين کي به شموليت جي دعوت ڏني ويندي، بلاول چيو ته ن ليگ طرفان اهم عهدا پيش ڪيا ويا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته سي اي سي ميمبرن چيو ته وزارت عظميٰ حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين پارٽين سان رابطا ڪيا پيا وڃن، جيڪڏهن بلاول وزيراعظم نه ٿو بڻجي ته مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪيو وڃي. ملاقات ۾ حتمي فيصلي جو اختيار آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو کي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو.ذريعن موجب ملاقات ۾ بلوچستان ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ٺاهڻ تي غور ڪيو ويو، بلوچستان ۾ حڪومت سازي لاءِ جي يو آءِ ف، بي اي پي سميت آزاد ميمبرن سان رابطو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. جڏهن ته ميمبرن راءِ ڏني ته بلوچستان جو وڏو وزير پيپلز پارٽي جو هجڻ گهرجي،سي اي سي ميمبرن جي اڪثريت اتحادي حڪومت بدران اپوزيشن ۾ ويهڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي،اڳواڻن چيو ته اسان چاهيون ته آساني سان حڪومت ٺاهي سگهون ٿا پر  سياسي طور تي نقصان ٿيندو، مضبوط اتحادي حڪومت نٿي بڻجي ته اپوزيشن ۾ ويهڻ گهرجي،ڪجهه اڳواڻن چيو ته جيڪڏهن بلاول وزيراعظم بڻجي ٿو ۽ وفاق ۾ ڪجهه وزارتون ملن ٿيون ته ان سان ڊليور ڪري سگهجي ٿوسي اي سي اجلاس ۾ ن ليگ بدران پي ٽي آءِ سان اتحاد جي به تجويز ڏني وئي، اجلاس بعد شيري رحمان،شازيا مري، فيصل ڪريم ڪنڊي ميڊيا کي مختصر بريفنگ ۾ ٻڌايو ته سي اي سي اجلاس اڄ ٻيهر 3 وڳي ٿيندو، شيري رحمان چيو ته حتمي فيصلا نه ڪيا ويا آهن،جيڪي ميمبر اڄ نه اچي سگهيا اهي سڀاڻي واري اجلاس ۾ شريڪ ٿيندا، شازيا مري مشڪل تڪ کٽيو آهي،سمورين پارٽين سان رابطا ڪنداسين، فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اجلاس ۾ اليڪشن نتيجن تي خدشن تي به غور ڪيو ويو،شازيا مري چيو ته پارٽي قيادت کي چونڊ مهم ۾ اهم رول تي مبارڪباد ڏني وئي

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي ترجمان پيپلز پارٽي  سان اقتدار جي حصيداري واري معاملي تي ڳالهين جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته پارٽي اڃا تائين وزيراعظم ۽ وڏي وزير جي نالي تي ڪو به فيصلو ناهي ڪيو.ليگي ترجمان جو چوڻ هو ته پاور شيئرنگ بابت ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي ۽ پاور شيئرنگ به بحث جو حصو ناهي پر گڏ هلڻ تي صلاح مشورا ٿي ويا آهن، جيڪو به فيصلو ڪيو ويندو مشاورت ۽ اعلان ڪيو ويندو.

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي مرڪز ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ اقتدار ۾ ڀائيواري جو فارمولو تيار ڪري ورتو،  ذريعن مطابق وفاق  ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ن ليگ، پيپلزپارٽي، ايم ڪيو ۽ جي يو آءِ کي وچ ۾ سياسي اتحاد جو امڪان آهي، ن ليگ  ۽ پيپلزپارٽي جي وچ ۾  ٻه نقاطي فارمولا تيار ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۾ ڪردار ادا ڪندڙ انتهائي شخصيت ٻڌايو ته پيپلزپارٽي پنهنجي سي اي سي اجلاس ۾ ڀائيواري حوالي سان ڪنهن حتمي نتيجن تي پهچي ويندي، ٻه نقاطي فارمولا مطابق پهرين مرحلي ۾ گهڻين سيٽن واري پارٽي جو وزيراعظم 3 سال رهندو، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ 2 سالن لاءِ ٻي پارٽي جو وزيراعظم ٿيندو، جڏهن ته پيپلزپارٽي پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ وڏ وزارت لاءِ حمايت جي خاطري ڪرائيندي، پ پ ذريعن مطابق پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ وفاق ۾ پهرين يا ٻئي مدي فارمولا تي غور ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.