اليڪشن ڪميشن (ن) ليگ، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم کي سپورٽ ڪيو:سراج الحق جماعت اسلامي/پي ٽي آءِلاهور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن کان فوري طور تي استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.تحريڪ انصاف جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڌانڌلي جو لباس پائي پي ڊيم ايم 2 کي ٻيهر عوام جي مٿان مڙهيو پيو وڃي. 3 ڏينهن اڳ عوام پنهنجي ووٽ جي ذريعي نااهل ڏوهارين جي انهي ٽولي کي ئي پنهنجي ووٽ ذريعي رد ڪري ڇڏيو جنهن 16 مهينن جي دوران عوام کي معاشي ۽ انتظامي تباهي ۽ بدترين مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيو. جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سراج الحق چيو ته اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊون ڪرائڻ جي آئيني ذميواري پوري ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي. اليڪشن ڪميشن (ن) ليگ، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم کي سپورٽ ڪيو. منصوره ۾ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته اليڪشن ۾ سڀني جي لاءِ ليول پليئنگ فيلڊ نه هئي اها عوام ۽ ووٽرز سان زيادتي هئي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن جي نتيجن کي صحيح نه ڪيو ويو ته احتجاج کي اليڪشن ڪميشن جي هيڊ آفيس اسلام آباد تائين وڌائي سگهون ٿا. آزاد اميدوار به جيڪڏهن اسان جي مظاهري ۾ شريڪ ٿيڻ چاهين ته کين ڀليڪار چونداسين.