لاهور (م ڊ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن آر او کي اين اي 15 جو حتمي نتيجو جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.ٻئي طرف اين اي 15 جو نتيجو روڪڻ جي خلاف پي ٽي آءِ جو ڌرڻو ٻئي ڏينهن به جاري آهي. پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار گشتاسپ خان چيو آهي ته اڄ اسان کي نتيجا ڏيڻ جو چيو ويو هو پر آر او ٻيهر غانب آهي. نوازشريف جو ناٺي صفدر اعواڻ پنهنجي شڪست ختم ڪرائڻ لاءِ آر او تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي.هوڏانهن جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ مفتي ڪفايت الله چيو آهي ته نوازشريف وڏ ماڻهپي جو مظاهرو ڪندي اين اي 15 مانسهره تي پنهنجي شڪست کي تسليم ڪري. مفتي ڪفايت الله چيو آهي ته اين اي 15 مانسهره ۾ ڪنهن به هنڌ تان شڪايت ناهي ملي. مان پاڻ به اميدوار هئس ۽ سمورن تڪن ۾ منهنجا ايجنٽ موجود هئا.هن چيو ته اين اي 15 مان مون کي ۽ نوازشريف کي شڪست ملي وئي آهي. نوازشريف هاڻ وڏ ماڻهپي جو مظاهرو ڪندي اين اي 15 تي پنهنجي شڪست کي مڃي.مفتي ڪفايت الله وڌيڪ چيو ته نوازشريف جنهن بنياد تي عدالت وڃي رهيو آهي اها تمام گهڻي ڪمزور آهي نوازشريف کي گهرجي ته اهو شهزادي گشناسپ کي کٽڻ جي مبارڪباد ڏئي. ان کان علاوه اليڪشن ڪميشن اين اي 46 اٽڪ، اين اي 47 ۽ اين اي 48 اسلام آباد جي ريٽرننگ آفيسرن کي به حتمي نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. اين اي 47 جو نتيجو شعيب شاهين ۽ اين اي 48 جو نتيجو علي بخاري چيلينج ڪيو هو.