حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي ٻن قومي ۽ ھڪ صوبائي اسيمبلي جي تڪ جا نتيجا دير سان جاري ڪرڻ خلاف پبلڪ اسڪول ۾ لاڳاپيل آر اوز سامهون ايم ڪيو ايم ۽ آزاد اميدوارن جي حامين پاران احتجاج دوران ڪارڪنن ۾ ڇڪتاڻ ٿي، فائرنگ ۽ ڇڪتاڻ ۾ پي ٽي آئي جي هڪ ڪارڪن جي مارجڻ جا اطلاع آهن جڏهن ته3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس لٺبازي ۽ شيلنگ ڪري احتجاج ڪندڙن کي ڇڙوڇر ڪري ڇڏيو، ٻنهي سياسي جماعتن جي ڪارڪنن هڪٻئي جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ڌرين پاران ڪيل ھوائي فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، فائرنگ سبب گوليون لڳڻ ڪري بلال آفريدي، نظير، ڪامران، ۽ نديم راجپوت زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي پي ٽي آئي ڪارڪن بلال آفريدي جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن، ڇڪتاڻ بعد پوليس ۽ رينجرز موقعي تي پھچي صورتحال تي ضابطو آندو. ايم ڪيو ايم جي پي ايس 65 تي اميدوار ناصر قريشي دعويٰ ڪئي ته سندن ڪارڪن پرامن هئا، پي ٽي آئي جي حمايت يافته آزاد اميدوارن جي ڪارڪنن نعريبازي ڪئي. قومي اسيمبلي جي تڪ 219 تي آزاد اميدوار مستنصر بلالله الزام هنيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن نعريبازي ڪري گٿا لفظ ڳالهايا ۽ بعد ۾ پوليس به سندن ئي ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بڻايو. قومي اسيمبلي جي تڪ 219، 220 ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 64 جا نتيجا رات دير تائين جاري نه ٿي سگهيا هئا.