تحريڪ انصاف پاران وفاق، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت ٺاهڻ جو اعلان

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) وفاق، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت ٺاهڻ جو اعلان ڪري  ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر گوهر خان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عوام جي مينڊيٽ جو احترام ڪيو وڃي، اسان جا آزاد اميدوار رابطي ۾ آهن، پارٽي سان وفادار آهيون ۽ پارٽي سان گڏ رهنداسين. پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر گوهر خان چيو آهي ته اڄ پاڪستان جي جمهوريت جو اهم ترين ڏينهن آهي، اسان ٽن اسيمبلين کي ختم ڪري نئين چونڊن ڏانهن وياسين، اليڪشن ڪميشن جي ذميواري هئي ته نتيجا 2 وڳي تائين ڏنا وڃن ها، صبح جو 10 وڳي تائين نتيجن جو عمل ٿيڻ گهرجي ها. هن مطالبو ڪيو ته سمورن تڪن جا نتيجا فارم 45 موجب ڏنا وڃن. بئريسٽر گوهر چيو ته تحريڪ انصاف قومي اسيمبليءَ ۾ 170 سيٽون حاصل ڪيون آهن، اسان ڪي پي ڪي مان قومي اسيمبلي جي 45 مان 39 سيٽون کٽيون آهن، پختونخواهه اسيمبلي ۾ اسان کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل آهي. بئريسٽر گوهر چيو ته تحريڪ انصاف وفاق ۾ حڪومت ٺاهيندي، ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جو به ٻن ڏينهن ۾ فيصلو ڪيو ويندو. پنجاب ۾ اسان کي 135 سيٽون ملي رهيون آهن، تحريڪ انصاف پنجاب ۾ به حڪومت ٺاهيندي، اسان وٽ اڪثريت آهي، صدر اسان کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏيندو. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته تحريڪ انصاف جي اها فتح غلامي جي نالي سان منسوب آهي، جنهن وٽ 50 سيٽن جي به اڪثريت ناهي، اهي حڪومت ٺاهڻ لاءِ بيان ڏين ٿا. بئريسٽر گوهر چيو ته پاڪستان جي ادارن کي گذارش آهي ته هي عوام جو آواز آهي، کين گذارش آهي ته عوام جي مينڊيٽ کي تسليم ڪن. هن چيو ته اسان جو ڪنهن سان ڪو به جهيڙو ناهي، اسان مستقبل ڏانهن وڃڻ چاهيون ٿا، آئين ۽ قانون موجب اڳتي وڌنداسين ۽ حڪومت ٺاهينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.