اليڪشن 2024 عالمي ميڊيا جي نظر ۾….

تحرير: نثار لغاري

ملڪي تاريخ ۾ ھي اها پهرين اليڪشن آھي جنهن جي ٿيڻ ۽ نه ٿيڻ جو نتيجو ساڳيو ئي بيهي ها  عالمي ادارن جي دٻاءُ اندروني انتشار ۽ معاشي بي يقيني سان گڏ سياسي انتشار پنهنجي عروج ۾ داخل ٿي چڪو آھي. اصل حڪمرانن هن دفعي عمران خان جي تحريڪ انصاف کي آئوٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو جيڪو ناڪام ويو آھي. پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي آزاد اميدوارن کي وڏي ڪاميابي ملي رهي آھي انڪري نتيجا به روڪيا ويا آھن. هن صورتحال ۾ وڏي بحران پيدا ٿيڻ جا امڪان آھن  مثال طور  پيمرا پي ٽي اي چيو هو ته انٽرنيٽ  سروس بند نه ٿيندي پر اها بند ڪئي وئي موبائيل سروس بند ڪئي وئي. ڌانڌلين تشدد پولنگ اسٽيشنن تي ووٽ ڦاڙڻ ۽ دٻا ڀرڻ جا واقعا عام ٿيا آھن. اليڪشن مڪمل طرح ڌانڌلي واري ثابت ٿي آھي  نتيجي ۾ ڪافي ڌريون هن اليڪشن کي بوگس قرار ڏئي رهيون آھن   پنجاب ۾ احتجاجن جي سلسلي جو خدشو آھي

هاڻ ھن چونڊن جي نتيجي ۾ جيڪابه حڪومت جوڙي ويندي ان جي بلڪل ڪا ساک نه هوندي عالمي سطح تي به ان بابت اعتراض ٿي رهيا آھن هن حوالي سان اسين رڳو عالمي ميڊيا جو تجزيو ڪريون ته اهي تجزيا به ڪافي ڪجهه ٻڌائين ٿا

عالمي ميڊيا چينلز ۽ اخبارون پاڪستان ۾ ٿيندڙ عام چونڊن کي جتي ملڪ کي درپيش مسئلن جي پس منظر ۾ اهم قرار ڏئي رهيا آهن اتي انهن چونڊن جي ساک تي به ڪيترائي سوال اٿاريا پيا وڃن. باقي سنڌ ۽ بلوچستان تي هڪ ڌار تجزيي جي ضرورت آھي

ايٽمي هٿيارن واري ملڪ کي اڪثر اخبارن ۽ نشرياتي ادارن طرفان مشڪلن ۾ گهريل اولهه جوھڪ اتحادي قرار ڏئي رھيا آھن، جتي ھڪ اهڙي وقت ۾ چونڊون ٿي رهيون آهن جڏهن ھن کي سياسي عدم استحڪام، معاشي مسئلن، هشتگردي ۽ سيڪيورٽي جي بگڙيل صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

ساڳئي وقت تجزياتي رپورٽون سياست ۾ فوج جي مبينا مداخلت، تحريڪ انصاف جي شموليت کي محدود ڪرڻ ۽ مسلم ليگ ن لاءِ بظاهرسازگار ماحول پيدا ڪرڻ ڏانھن پڻ اشارو ڪندي چيو آهي ته 2024ع جون چونڊون تضادن جو شڪار آهن ۽ اهي چونڊون تمام گهڻو تڪراري لڳن پيون.

آمريڪي اخبار ’واشنگٽن پوسٽ’ پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته 2024ع جون چونڊون شدت پسندن جي حملن ۽ غير منصفاڻي چونڊ عمل جي شڪايتن جي پاڇن هيٺ ٿي رهيون آهن. رپورٽ موجب ملڪ ۾ گهري سياسي ورهاڱي جو اشارو موجود آهي ته چونڊن جي نتيجي ۾ ھڪ اتحادي حڪومت قائم ٿيندي.

اخبار پاڪستان جي ڏکڻ ايشيا ۾ اهم جيو اسٽريٽجڪ مقام جو حوالو ڏيندي چيو ته ملڪ جون سرحدون افغانستان، چين، ڀارت ۽ ايران سان ملن ٿيون. هن خطي ۾ لاڳاپا ۽ سرحدي مسئلا ڏاڍا ڇڪتاڻ سان ڀريل آهن. چونڊن جي ماحول جي حوالي سان رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پارٽي تحريڪ انصاف جي اميدوارن کي آزاد چونڊ مهم هلائڻ جو موقعو نه مليو، جنهن جي ڪري چونڊ عمل تي سوال اٿاريا پيا وڃن.

اخبار لنڊن جي ھڪ ٿنڪ ٽينڪ ’چيٿم هائوس’ جي ماهر فرزانه شيخ جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته عمران خان جي پارٽي جي ڀڃ ڊاهه اهو تاثر پيدا ڪيو آهي ته انهن چونڊن جا نتيجا اڳ ۾ ئي طئي ٿي چڪا آهن. ٻئي طرف اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف لاءِ به رستو صاف نظر اچي رهيو آهي.

رپورٽ ۾ گڏيل قومن پاران پي ٽي آءِ خلاف کنيل قدمن تي ڳڻتي جو به ذڪر ڪيو ويو آهي.اخبار اھا پڻ وضاحت ڪئي آھي ته اختيارين انھن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آھي.

آمريڪي اخبار ’نيويارڪ ٽائمز’ هڪ تجزياتي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ماهرن جي نظر ۾ هي اليڪشن ملڪي تاريخ جي سڀ کان گهٽ اعتبار لائق هوندي. ان حوالي سان اخبار وڌيڪ لکيو آھي ته ووٽنگ کان ڪجھ ڏينهن اڳ 2022ع ۾ وزيراعظم جي عهدي تان هٽايل عمران خان کي ٻن ڌار ڌار فيصلن ۾ مجموعي طور 24 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. اخبار موجب انھن سزائن کي عمران خان جي سياسي پارٽي کي پاسيرو ڪرڻ لاءِ فوجي قيادت جي ھلندڙ مبينا مهم جو حصو قرار ڏنو پيو وڃي.

سيڪيورٽي چيلينجز جي حوالي سان اخبار جو چوڻ آهي ته چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ بلوچستان ۾ ٻن هنڌن تي بم ڌماڪن ۾ ٻه درجن کان مٿي ماڻهو مارجي ويا، جنهن ڪري ملڪ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي. نيو يارڪ ٽائمز چونڊن جي اهميت جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته اهي پاڪستان جي تاريخ ۾ سول حڪومتن جي وچ ۾ ھي صرف ٽيون ڀيرو جمهوري منتقلي ڏانھن نشاندهي ڪن ٿيون.

ٽائمز موجب آبادي جي لحاظ کان ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي پنجاب جو عوام 2022ع ۾ عمران خان جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ اھو محسوس ڪري رهيو آهي ته هنن سان دوکو ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته 76 سالن دوران ملڪ جي تاريخ ۾ ان صوبي کي فوج جو ڳڙھ چيو ويندو آھي. آمريڪي نشرياتي اداري ’سي اين اين’ پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ تبصرو ڪيو آهي ته عمران خان جي اليڪشن مان نڪرڻ کانپوءِ هاڻي مقابلو پاڪستان جي ٻن سياسي خاندانن وچ ۾ نظر اچي رهيو آهي، جن ۾ ٽي ڀيرا وزيراعظم رھندڙ نواز شريف ۽ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جو پٽ بلاول ڀٽو زرداري اميدوار آهن.

نشرياتي اداري پنهنجي رپورٽ ۾ پي ٽي آءِ خلاف حڪومتي ڪارروائين ۽ چونڊن کان اڳ مبينا ڌانڌلي جو ذڪرپڻ ڪيو آهي. سي اين اين اھو پڻ چيو آهي ته پاڪستان جي فوجي ۽ نگران حڪومت عمران خان جي پارٽي کي دٻائڻ جي الزامن کي رد ڪري چڪي آهي.

قطر جي نشرياتي اداري ‘الجزيره’ اليڪشن واري ڏينهن موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس جي معطلي جي حوالي سان هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته ان سان پاڪستاني حڪومت جي ساک کي نقصان رسي رهيو آهي ڇو ته ماڻهو آزاد ۽ منصفاڻي چونڊون چاهين ٿا.برطانيا جي اخبار ’انڊيپينڊنٽ’ پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته سياسي اڳواڻن جي گرفتارين ۽ عمران خان خلاف قانوني قدمن جي شدت جو ڪو مثال ڪونه ٿو ملي.

رپورٽ ۾ مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ملڪ جي مختلف حصن ۾ سياسي حمايت بابت ذڪر ڪيو ويو آهي.اخبار موجب چونڊن ذريعي اقتدار ۾ اچڻ واري حڪومت لاءِ ملڪي معيشت جي بحالي ۽ پاڙيسري ملڪن سان پاڪستان جي لاڳاپن ۾ بهتري وڏا چئلينج هوندا.

ڀارتي اخبار ’ٽائمز آف انڊيا’ پاڪستان ۾ هندستان جي اڳوڻي هاءِ ڪمشنر اجي بساريا جو چونڊن جي حوالي سان انٽرويو ڪيو آھي.اڳوڻي سفير تبصرو ڪندي چيو ته 8 فيبروري جي چونڊن ۾ ڌانڌلي صاف نظر اچي رھي آھي. اهي اليڪشن جي بدران سليڪشن نظر اچن ٿيون، ڇاڪاڻ ته ھڪ دل گهرئي  حڪومت کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ چونڊون کان اڳ ئي مبينا طور تي ڌانڌليون ڪيون ويون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.