عائزا خان، حمزا عباسي سميت ٻين اداڪارن ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سموري ملڪ ۾ اڄ عام چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي، اداڪارا حنا خواجا بيات، ادڪار عثمان خالد بٽ ۽ حمزا علي عباسي سميت ٻين اداڪارن پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو آهي.
حنا خواجا بيات انسٽاگرام تي وڊيو پوسٽ ڪندي چيو ته ” الحمدالله مون پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو آهي، اوهان به وقت وڃائڻ بنا پنهنجي گهرن مان نڪرو ۽ ووٽ ڪاسٽ ڪيو“ .

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Hina Bayat (@hinakhwajabayatofficial)


حنا بيات خان دعويٰ ڪئي ته اٺ وڳي کان شهري قطار ۾ بيٺا هئا پر ووٽنگ جو عمل دير سان شروع ٿيو، عملو ۽ پريزائيڊنگ آفيسر موجود هئا پر ڪجهه پولنگ ايجنٽس جي نه هئڻ سبب ووٽنگ شروع نه ٿي رهي هئي.
ان کانسواءِ اداڪار عثمان بٽ به ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو آهي.


اداڪار سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ واري آڱوٺي تي لڳل نشان ڏيکاري رهيو آهي.
اداڪار چيو ته پولنگ اسٽيشن اندر ڊجيٽل واچ ۽ موبائيل فون کڻي وڃڻ جي اجازت نه آهي، جيڪڏهن اوهان 8300 تي موڪيل تفصيل پرنٽ ناهن ڪرايا ته پولنگ اسٽيشن ۾ اندر وڃڻ کان اڳ پنهنجي بلاڪ ڪوڊ ۽ سيريل نمبر ياد رکو يا ڪنهن هنڌ لکي ڇڏيو.
اداڪار حمزا علي عباسي به ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو آهي.


اداڪار سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي تصوير شيئر ڪري ڇڏي.
اداڪارا عائزا خان به ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي تصوير سوشل ميڊيا تي جاري ڪئي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Ayeza Khan (@ayezakhan.ak)


ادڪارا بشري انصاري آگاهه ڪيو ته هوءَ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کانپوءِ ڊرامي جي شوٽنگ لاءِ ويندي، هن عوام کي ملڪ جي بهتري خاطر ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي اپيل ڪئي .

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Bushra Bashir (@ansari.bushra)


ادڪارا ماورا حسين به وڊيو پوسٽ ڪندي چيو ته هوءِ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ وڃي رهي آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by MAWRA (@mawrellous)

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.