اسان قربانيون ڏئي هتي پهتا آهيون، خدا جي واسطي اتحادي حڪومت جو نالو نه وٺو: نواز شريف

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف اين اي 128 ماڊل ٽائون ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو.
ان موقعي ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته عوام گھرن مان نڪري، ووٽ ڪاسٽ ڪري، ملڪ مان گار گند ۽ بدتميزي جي ڪلچر جي خاتمي لاءِ ووٽ ڪاسٽ ڪريو.
نواز شريف چيو ته انهن ماڻهن اسان جي معاشري ۾ بگاڙ پيدا ڪيو آهي، ملڪ ۾ هڪ پارٽي جي اڪثريتي حڪومت ضروري آهي.
ن ليگ جو قائد نواز شريف جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ هڪ جماعت کي اڪثريت سان ووٽ ملڻ گھرجي، اليڪشن ۾ هڪ جماعت کي مڪمل مينڊيٽ ملڻ گھرجي.
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته مريم نواز بُري وقت ۾ پارٽي لاءِ جدوجهد ڪئي، اسان قربانيون ڏئي هتي پهتا آهيون، خدا جي واسطي اتحادي حڪومت جو نالو نه وٺو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.