ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ فورسز تي حملا، پنج اهلڪار شهيد

خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملن جي نتيجي ۾ پنج اهلڪار شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.
پوليس موجب، ڊيرا اسماعيل خان جي تعلقي ڪلاچي واري علائقي گرهه اسلم ۾ پوليس وين تي دستي بم حملو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار شهيد ۽ ٽي زخمي ٿي پيا آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته دستي بم حملي ۾ زخمي ٿيندڙ اهلڪارن مان هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
هوڏانهن بلوچستان واري علائقي خاران ۾ به ليويز جي گاڏي ويجهو ڌماڪو ٿيو جنهن هڪ اهلڪار شهيد ۽ ٻه زخمي ٿي پيا.
ليويز ذريعن موجب، خاران ڌماڪي جي زخمين کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.