سموري ملڪ ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس عارضي طور بند

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن 2024ع لاءِ پولنگ جو عمل شروع ٿيڻ کان اڳ ئي مختلف شهرن ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس متاثر ٿيڻ شروع ٿئي وئي آهي.
سموري ملڪ ۾ عام چونڊن دوران پولنگ جو عمل شروع ٿيڻ کان اڳ ڪراچي، اسلام آباد، لاهور پشاور ۽ راولپنڊي سميت مختلف شهرن ۾ موبائل فون سروس ۽ انٽرنيٽ سروس متاثر ٿي آهي.
گهرو وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سموري ملڪ ۾ موبائل فون سروس عارضي طور معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ترجمان موجب، ملڪ ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن ۾ قيمتي جانين جو زيان ٿيو آهي.
ترجمان چيو ته امن امان جي صورتحال قائم رکڻ ۽ امڪاني خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ حفاظتي قدم کڻڻ ضروري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.