عمران خان جي چونڊن جي بائيڪاٽ جي مبينا آڊيو وائرل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان جي هڪ مبينا آڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ هن ڪارڪنن کي چونڊن جي بائيڪاٽ جو چيو آهي.
سوشل ميڊيا تي خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته تحريڪ انصاف ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ بدران بائيڪاٽ بابت غور ويچار ڪري رهي آهي.
ذريعن جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف قيادت ملڪ ۾ عام چونڊن کان اڳ سياسي حڪمت عملي تحت امڪاني طور چونڊن جي بائيڪاٽ جو پلان تيار ڪري ورتو آهي.
هاڻ تحريڪ انصاف باني عمران خان جي هڪ مبينا آڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هن ڪارڪنن کي چونڊن جي بائيڪاٽ جو چيو آهي.
تحريڪ انصاف طرفان ان جي تصديق يا ترديد ناهي ڪئي وئي، جڏهن ته اهو به چيو پيو وڃي ته عمران خان جي اها آڊيو آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ذريعي ٺاهي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.