شهيد بينظير آباد: آزاد اميدوار پ پ جي حق ۾ هٿ کڻي ويو

شهيد بينظير آباد (ويب ڊيسڪ) پي ايس 39 شهيد بينظير آباد جو آزاد اميدوار اسماعيل ڏاهري پ پ اميدوار جي حق ۾ هٿ کڻي ويو.
اسماعيل ڏاهري اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان زرداري هائوس نواب شاهه ۾ ملاقات ڪئي، جنهن کانپوءِ هن پ پ اميدوار جي حق ۾ هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو.
اسماعيل ڏاهري چيو ته آصف زرداري منهنجي والد جيان آهي، مان پ پ اميدوار جي حمايت جو اعلان ڪيان ٿو.
ملاقات دوران اسماعيل ڏاهري، آصف زرداري کي پنهنجي خدشن کان به آگاهه ڪيو، جنهن تي اڳوڻي صدر کيس خدشا ختم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.