ڪراچي: عباسي شهيد اسپتال جو عملو اليڪشن لاءِ طلب، اسپتال بند

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ عباسي شهيد اسپتال جي عملي کي اليڪشن لاءِ طلب ڪيو ويو.
ذريعن موجب عملي کي اليڪشن ڊيوٽي تي طلب ڪرڻ کانپوءِ اسپتال بند ڪئي وئي، اسپتال جي ايمرجنسي سميت سڄو عملو اليڪشن ڊيوٽي لاءِ طلب ڪيو ويو آهي.
اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته اسپتال جي ليبارٽري ۾ هن وقت هڪ به شخص موجود ناهي، اها شهر جي ٽين وڏي سرڪاري اسپتال آهي.
ذريعن موجب امڪاني هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اسپتال ۾ ڪير موجود ناهي.
هوڏانهن سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري اهڙين خبرن جو نوٽيس وٺندي ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب سان رابطو ڪيو ۽ کيس معاملي جي جاچ جي هدايت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.