ملڪ ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس جي بندش بابت الڪيشن ڪمشنر جو اهم بيان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نگران حڪومت طرفان سموري ملڪ ۾ موبائيل سروس معطل ڪرڻ واري فيصلي بابت اليڪشن ڪمشنر جو بيان سامهون آيو آهي.
چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس جي معطلي بابت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن گهرو وزارت کي انٽرنيٽ سروس جي حوالي سان ڪي به هدايتون نه ڏيندو.
سندس چوڻ هو ته هو اسان ڪٿي موبائيل سروس کولي ڇڏين ۽ دهشتگردن جو ڪو واقعو پيش اچي ته ذميوار ڪير هوندو؟ .
هن چيو ته ڪالهه بلوچستان ۾ دهشتگردي جا واقعا ٿيا، سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو وٺڻ گهرو وزايت ۽ ايجنسيز جو ڪم آهي، اميد آهي چونڊن جو عمل خير خوبيءَ سان مڪمل ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.