ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي.
ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي اليڪشن 2024 لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي جيڪو بنا ڪنهن وقفي جي صبح 8 وڳي کان شام 5 تائين جاري رهندو.
عام چونڊن دوران قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جي 855 تڪن لاءِ 882 عورتن ۽ 4 کدڙن فقيرن سميت ملڪ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ 17 هزار 816 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن.
عام چونڊن لاءِ جاري پولنگ دوران سموري ملڪ ۾ 12 ڪروڙ 85 لک ست سئو سٺ ووٽرز اڄ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪندا.
اليڪشن ڪميشن موجب، ووٽر کي قومي اسيمبلي لاءِ سائو ۽ صوبائي اسيمبلي لاءِ اڇو بيلٽ پيپر ڏنو ويندو، ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ ووٽر کي اصلي شناختي ڪارڊ ڏيکارڻ لازم هوندو.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته چئن چونڊ تڪن ۾ اميدوارن جي فوتگين سبب پولنگ ملتوي ڪئي وئي آهي.
اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف لاهور جي قومي تڪ اين اي 127 تي پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو، پ پ اڳواڻ آصفا ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو پنهنجو ووٽ نوابشاهه ۾ ڪاسٽ ڪيو.
ڪراچي ۾ ملير جي ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنز تي پولنگ دير سان شروع ٿي، ساڍي اٺين وڳي تائين ووٽرز پولنگ اسٽيشنز ٻاهران انتظار ڪندا رهيا.
سکر، تنگواڻي، پنگريو ۽ ٻين شهرن ۾ به پولنگ عمل دير سان شروع ٿيو.
حيدرآباد، نيو سعيد آباد، تنگواڻي، شهدادڪوٽ، ميرپور ماٿيلو، ميرپور خاص ۽ ٻين شهرن ۾ پولنگ جاري آهي.
ننگر پارڪر، گمبٽ، پير جو ڳوٺ، ڪنري، عمرڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ به پولنگ جاري آهي.
سموري ملڪ ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس عارضي طور بند
اليڪشن 2024ع لاءِ پولنگ جو عمل شروع ٿيڻ کان اڳ ئي مختلف شهرن ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس متاثر ٿيڻ شروع ٿئي وئي آهي.
سموري ملڪ ۾ عام چونڊن دوران پولنگ جو عمل شروع ٿيڻ کان اڳ ڪراچي، اسلام آباد، لاهور پشاور ۽ راولپنڊي سميت مختلف شهرن ۾ موبائل فون سروس ۽ انٽرنيٽ سروس متاثر ٿي آهي.
گهرو وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سموري ملڪ ۾ موبائل فون سروس عارضي طور معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ترجمان موجب، ملڪ ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن ۾ قيمتي جانين جو زيان ٿيو آهي.
ترجمان چيو ته امن امان جي صورتحال قائم رکڻ ۽ امڪاني خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ حفاظتي قدم کڻڻ ضروري آهن.
جڏهن سيڪيورٽي مسئلو نه هوندو ته نيٽ ورڪ کوليو ويندو: چيف اليڪشن ڪمشنر
چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر راجا سلطان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو پنهنجو نظام آهي، جڏهن محسوس ٿيندو ته سيڪيورٽي جو مسئلو نه آهي ته انٽرنيٽ کي کوليو ويندو.
پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته انٽرنيٽ سان اليڪشن ڪميشن جو ڪو به واسطو نه آهي، اليڪشن ڪميشن انٽرنيٽ بندش جي ذميوار نه آهي.
چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اسان جو پنهنجو سسٽم ڪم ڪري پيو، اسان حڪومت سان رابطي ۾ آهيون، ڇا ووٽرز کي اڄ ئي 8300 تي ووٽ چيڪ ڪرڻو هو.
هن چيو ته اليڪشن اسڪيم جاري ٿيڻ بعد ووٽرز کي پنهنجو ووٽ چيڪ ڪرڻ گھرجي ها، اليڪشن ڪميشن مضبوط آهي، انٽرنيٽ جو معاملو اسان جو مينڊيٽ نه آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪٿي سيڪيورٽي جو مسئلو آهي ته اليڪشن ڪميشن ڇو هدايت ڏئي ته انٽرنيٽ بحال ڪريو، نتيجن جي اعلان جو بهترين نظام موجود آهي. نتيجا 8 وڳي به اچي سگھن ٿا ۽ 9 وڳي به.
هن چيو ته اي ايم ايس سسٽم ۾ صوبائي تڪن لاءِ 3 ۽ قومي لاءِ 4 ورڪ اسٽيشن آهن.
پيپلزپارٽي جو موبائيل نيٽ ورڪ جي فوري بحالي لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط
پيپلزپارٽي عام چونڊن جي ڏهاڙي موبائيل فون نيٽ ورڪ جي فوري بحالي لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کي درخواست ڏئي ڇڏي.
پيپلزپارٽي جي اڳواڻ تاج حيدر چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط ۾ لکيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي کي پاڪستان ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل نيٽ ورڪ ڪنيڪٽيويٽي جي اڻ اعلانيل رنڊڪن تي ڳڻتي آهي، ان سان عام چونڊن تي اثر پئجي رهيو آهي، سڄي ملڪ ۾ ان رنڊڪ سبب ووٽرز پنهنجي پولنگ اسٽيشن بابت ڄاڻ تائين رسائي حاصل ڪرڻ يا پولنگ اسٽيشن تائين رسائي لاءِ لاجسٽڪس سان رابطو ڪرڻ کان قاصر آهن.
خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نيٽ ورڪ سروسز جي بند ٿيڻ سان ووٽرز، اميدوارن ۽ چونڊ عملي لاءِ مسئلا پيداٿي ويا آهن جڏهن ته موبائيل نيٽ ورڪ ۾ خلل ووٽر ٽرن آئوٽ کي به متاثر ڪندو، موبائيل نيٽ ورڪ اليڪشن جي ڏينهن لاءِ اهم آهي ۽ اسان اي سي پي تي زور ڏيون ٿا ته اها آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊن کي يقيني بڻائڻ لاءِ موبائيل نيٽ ورڪ ۽ انٽرنيٽ ڪنيڪٽيويٽي کي بحال ڪرڻ لاءِ فوري ڪارروائي ڪري.
جماعت اسلامي جو انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون سروس بحال ڪرڻ جو مطالبو
جماعت اسلامي به انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون سروس بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو .
جماعت اسلامي صوبائي اليڪشن ڪمشنر شريف الله کي خط لکي ڇڏيو.
جماعت اسلامي ترجمان موجب انٽر نيٽ ۽ موبائل سروس بند ٿيڻ ڪري ڌانڌلي جا امڪان وڌي ويا آهن، فوري طور تي انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس بحال ڪرايو نه ته شفافيت جو جنازو نڪري ويندو.
ترجمان موجب رابطي جا وسيلا نه هئڻ سبب پولنگ اسٽيشنن تي قبضا ٿيندا ۽ ٺپا لڳايا ويندا.
پي ٽي آءِ ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس جي بندش خلاف اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو
پاڪستان تحريڪ انصاف به انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون سروس بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ اليڪشن رابطا سيل، اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو آهي.
پي ٽي آءِ اليڪشن رابطا سيل جي انچارج بئرسٽر علي طاهر اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو.
خط ۾ چيو ويو آهي ته انٽرنيٽ سروس معطل ٿيڻ سبب شهري پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
خط جي متن موجب، انٽرنيٽ سروس معطل ڪري شهرين کي بنيادي حقن کان محروم ڪيو پيووڃي.
خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي قانوني ذميواري آهي.
خط ۾ فوري طور سموري ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.