ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پيپلزپارٽي عام چونڊن جي ڏهاڙي موبائيل فون نيٽ ورڪ جي فوري بحالي لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کي درخواست ڏئي ڇڏي.
پيپلزپارٽي جي اڳواڻ تاج حيدر چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط ۾ لکيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي کي پاڪستان ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل نيٽ ورڪ ڪنيڪٽيويٽي جي اڻ اعلانيل رنڊڪن تي ڳڻتي آهي، ان سان عام چونڊن تي اثر پئجي رهيو آهي، سڄي ملڪ ۾ ان رنڊڪ سبب ووٽرز پنهنجي پولنگ اسٽيشن بابت ڄاڻ تائين رسائي حاصل ڪرڻ يا پولنگ اسٽيشن تائين رسائي لاءِ لاجسٽڪس سان رابطو ڪرڻ کان قاصر آهن.
خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نيٽ ورڪ سروسز جي بند ٿيڻ سان ووٽرز، اميدوارن ۽ چونڊ عملي لاءِ مسئلا پيداٿي ويا آهن جڏهن ته موبائيل نيٽ ورڪ ۾ خلل ووٽر ٽرن آئوٽ کي به متاثر ڪندو، موبائيل نيٽ ورڪ اليڪشن جي ڏينهن لاءِ اهم آهي ۽ اسان اي سي پي تي زور ڏيون ٿا ته اها آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊن کي يقيني بڻائڻ لاءِ موبائيل نيٽ ورڪ ۽ انٽرنيٽ ڪنيڪٽيويٽي کي بحال ڪرڻ لاءِ فوري ڪارروائي ڪري.
You might also like