بلوچستان ۾ پرامن ووٽنگ عمل جاري آهي: جان اچڪزئي

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي نگران اطلاعات واري وزير جان اچڪزئي چيو آهي ته بلوچستان ۾ ووٽنگ جو عمل خير خوبيءَ سان جاري آهي.
هڪ بيان ۾ جان اچڪزئي چيو ته بلوچستان جي ڏاکڻي علائقن ۾ شڪست کانپوءِ دهشتگردن چونڊ عمل متاثر ڪرڻ لاءِ اترين علائقن کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن چيو ته پابندي مڙهيل تنظيمن جا گروهه بلوچستان جي عوام جا نمائندا ناهن، ڪالعدم تنظيمن جا گروهه بلوچستان کي غير مستحڪم ڪرڻ چاهن ٿا.
سندس چوڻ هوته بلوچستان ۾ موجود ڪالعدم تنظيمون ڀارت جون پراڪسي آهن، پاڪستان سدائين ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جو مقابلو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.