پي ٽي آءِ ڏکڻ پنجاب، ڪي پي ۾ اپ سيٽ ڪري سگهي ٿي؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينئر صحافي نصرت جاويد چيو آهي ته رياست پاران حتمي فيصلو ڪيو ويو آهي ته هن اليڪشن  ۾ تحريڪ انصاف کي هر صورت ۾ هارائڻو آهي، يقينن اها ڳالهه ميڊيا کي پسند نه ايندي پر اها هڪ حقيقت آهي،2018ع ۾ نواز ليگ کي ايئن چونڊون وڙهڻ کان نه روڪيو ويو هو، هن وقت پي ٽي آءِ جي حوالي سان رياست جو رويو جارحاڻو آهي، ان جو جواز 9 مئي واقعا آهن، هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ تحريڪ انصاف جي حمايت يافته اميدوارن ۽ پنجاب جي شهري علائقن ۾ به اميدوارن کي ايج ڏيکارڻ جي مجبوري لاحق ٿي ويندي، اهڙو سين ڏکڻ پنجاب ۾ به ممڪن آهي، ڏکڻ پنجاب ۾ تحريڪ انصاف جا اميدوار سٺي اڪثريت ۾ سامهون اچي سگهن ٿا، هن چيو ته ڪراچي جي هڪ ٻن سيٽن کان علاوه پي ٽي آءِ ٻئي ڪٿي نظر نٿي اچي،پارٽي پاران سوشل ميڊيا تي ڀرپور مهم هلائي پئي وڃي، 8 فيبروري تي اهو ٽيسٽ ڪيس هوندو ته اها مهم ڪيترو اثر ڏيکاري ٿي،هن چيو ته منهنجو خيال هي 77ع وارو دور ناهي، نوجوانن کي روڪڻ ممڪن ناهي، سمورين مشڪلاتن باوجود پي ٽي آءِ حامي اميدوار سٺي انگ ۾ سيٽون ٻهاري سگهن ٿا.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 07 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.