چونڊن لاءِ سخت قدم کنيا ويا آهن، ووٽرن جو تحفظ ڪنداسين: آءِ جي سنڌ

ڪراچي(رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) سي پي او ۾ قائم ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر سڪيورٽي جو منفرد مثال آهي. آءِ جي سنڌ رفعت  مختار راجا جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر خاص طور تي اليڪشن 2024ع جي موقعي تي ٽي وي مانيٽرنگ ذريعي سڪيورٽي جي مجموعي معاملن ۽ قدمن تي بريفنگ ڏني وئي ۽ وڌيڪ ضروري هدايتون ڏنيون ويون، ڊي آءِ جيز ۽ اسٽيبلشمينٽ سميت اي آءِ جيز، ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر، ايڊمن ۽ ڊي ايس پي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر ۽ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر آئي ٽي شرڪت ڪئي. آءِ جي سنڌ کي ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر شهر جي مختلف چونڊيل علائقن ۽ روڊن تي لڳل ڪيمرائن ذريعي نه رڳو موثر ۽ مربوط سڪيورٽي مانيٽرنگ ۾ مصروف آهي پر ڪنهن به شڪي شخص جي نگراني ۾ اچي ٿو. ان سلسلي ۾ لاڳاپيل پوليس کي سرگرمين يا واقعن جي حوالي سان بروقت هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون آهن.بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته عام چونڊن جي موقعي تي به ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر 24 ڪلاڪ سڪيورٽي مانيٽرنگ ڪندو، آءِ جي سنڌ چيو ته سڪيورٽي انتظامن جي نگراني لاءِ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر ۾ قائم ٽي وي مانيٽرنگ روم جو ڪردار انتهائي اهم آهي، هو ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جي پاڻ نگراني ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.