”پلٽ تير ووٽ پتنگ ھئي“اھو نعرو ھن وقت ايم ڪيو ايم جو آھي، ڪجھه سال اڳ وکري ويل ۽ ھاڻي ٽن ڌڙن کي ضم ڪري ايم ڪيو ايم پاڪستان بڻجندڙ ھي جماعت گذريل 2018 جي چونڊن ۾ گھڻو وڃايو ھو.جنھن ڪري اھا وري چاھي ٿي تھ سال 2013 وارين چونڊن ۾ حاصل ڪيل سيٽن جيتريون سيٽون حاصل ڪري سگھي،جنھن جي لاءِ ھن کي ھڪ ئي وقت جماعت اسلامي، پاڪستان پيپلزپارٽي،ٽي ايل پي، پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم جي آزاد حيثيت ۾ بيٺل اميدوران سان مقابلو ڪرڻو آھي.جنھن ڪري سنڌ جي راڄڌاني ۾ ھن ڀيري ھر حال ۾ اليڪشن مقابلي واري ھوندي.
اليڪشن 2024 ۾ دير سان ئي سھي پر ڪراچي شھر ۾ سرگرميون ٿيون آھن.ڪراچيءَ جون چونڊون ھر ڀيري اھم ھونديون آھن.اڳ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم باقي جماعتن کي جاءِ نھ ڏيندي ھئي.پر 2018 جي چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم کي پاڪستان تحريڪ انصاف ڪٽيو ھو،ممڪن آھي تھ ان ۾، اڳوڻي آرمي چيف موجب ”پي ٽي آءِ جي عشق ۾ انڌا ٿي ويا ھئاسين“ جو بھ ڪجھه حصو ھجي.
ڪراچي نھ رڳو ملڪ جو وڏو شھر آھي پر ملڪ جي ڪل ٽن پورٽس مان ٻھ ڪراچي شھر ۾ ھئڻ ڪري اھو معاشي حب سمجھيو وڃي ٿو.ھر سياسي ڌر ھتي پنھنجي قسمت آزمائيندي رھندي آھي.ماضي ۾ ھتي جو ووٽ مذھبي ڌرين جو رھيو آھي.جنھن جي تسلسل جو اولڙو تازو 2018 جي چونڊن ۾ نظر آيو،جڏھن تحريڪ لبيڪ پاڪستان ملڪ سميت ھتي سڀني کان وڌيڪ ووٽ (سيٽون نھ )کڻندڙ جماعت طور آڏو آئي.
شھر ۾ ھن وقت قومي اسمبلي جي ڪل 22 سيٽن ۽ صوبائي جي 47 سيٽن تي پارٽين ۾ مقابلو آھي.ڪراچي جي سياست تي نظر رکندڙ مبصرن موجب ھن ڀيري مقابلي جو امڪان وڌيڪ آھي.
جيڪي جماعتون ميدان ۾ موجود آھن،انھن ۾ پ پ پ، ايم ڪيو ايم (پاڪستان)جماعت اسلامي،پاڪستان تحريڪ انصاف (جنھن جا اميدوار آزاد طور ميدان ۾ آھن)پاڪستان تحريڪ لبيڪ،پاڪستان مسلم ليگ ن، جي ڊي اي ( جنھن جا سمورا اميدوار ايم ڪيو ايم ۽ مسلم ليگ ن سان اتحادي ھئڻ ڪري انھن جي حق ۾ ھٿ کڻي ويا آھن)
ٻئي پاسي اوچتو ،تازو ئي ايم ڪيو ايم(لنڊن) جي اڳواڻ آزاد حيثيت ۾ بيٺل اميدوارن جي حمايت جو اعلان ڪيو آھي.چيو ٿو وڃي تھ اھي اميدوار اڳ ۾ ئي چونڊن جي تياري ڪري ھاڻي سامھون اچي رھيا آھن.ھي پي ٽي آءِ جا آزاد اميدوار نھ آھن،جيڪي بھ آزاد آھن،پر ھي ايم ڪيو ايم لنڊن جا ئي اميدوار آھن.
ھن کان اڳ جڏھن ٽن ايم ڪيو ايم جي ڌڙن ضم ٿي ڪري ھڪ جماعت ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ھو تڏھن اھو باور ڪرايو پئي ويو تھ اھا جماعت اردو اسپيڪنگ جي نمائندھ جماعت آھي پر ٽڪيٽن ورھائڻ وقت پارٽي اندر اختلافن جو خبرون بھ سامھون آيون ھيون. مبصرن موجب ٽڪيٽون حاصل ڪندڙن ۾ اڳوڻي پاڪ سر زمين پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي سرسي ملي وئي آھي.محسوس اهو ٿي رهيو آهي ته ايم ڪيو ايم قيادت کي اڳوڻي پي ايس پي آئوٽ ڪري ڇڏيو آهي..
ايم ڪيو ايم پاڪستان جو خواب آھي تھ اھا 2013 ۾ حاصل ڪيل سيٽون واپس ڪري سگھي.ايم ڪيو ايم شھر جي ڪل 22 سيٽن مان 18 سيٽن تي پنھنجا اميدوار بيھاريا آھن.جڏھن تھ جماعت اسلامي گذريل عام چونڊن کان ويندي مڪاني ادارن وارين چونڊن تائين گھڻو سرگرم ھي ھئي،جنھن ڪري ان جو ووٽ وڌيو آھي يا اھا جماعت عوام سان رابطي ۾ آھي.پاڪستان تحريڪ انصاف ھن ڀيري وڏي عتاب ۾ آيل آھي، ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کان پارٽي ڇڏائي وئي آھي.جنھن ڪري اھا جماعت سموري ملڪ جيان ڪراچي ۾ بھ ڪا وڏي چونڊ مھم نھ ھلائي سگھي آھي. پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ لبيڪ چونڊن جي ڀرپور رٿابندي ڪئي آهي. جيڪي سروي رپورٽون اچي رهيون آهن، انهن مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته پيپلز پارٽي ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ مضبوط ۽ متحده ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪمزور پوزيشن ۾ آهي.
ھن وقت جي معلومات موجب 8 فيبروري 2024 تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ صوبائي اسيمبلي جي تڪن لاءِ متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پنھنجي اميدوارن ۾ وڏي تبديلي پڻ ڪئي آهي.پاڻ کي ڪراچي شھر جي نمائندا جماعت قرار ڏيندڙ ايم ڪيو ايم ھن وقت جي صورتحال مان محسوس ٿي رھيو آھي تھ ان جماعت جي گرفت ختم ٿي رھي آھي.جنھن ڪري ئي ڪنھن دور ۾ ٻين جماعتن کي ليکي ۾ نھ آڻيندڙ ايم ڪيو ايم پاڪستان کي ٻين جماعتن سان اتحاد ڪرڻو پيو آھي.
مبصرن جو خيال آھي تھ 2024 جي عام چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم ڪراچيءَ جي نمبر ون پارٽي جي پوزيشن شايد ئي حاصل ڪري سگھي،جيتوڻيڪ پي ٽي آءِ، خلاف ڪارروائي جاري آھي پر ان ھوندي بھ ڪراچي ۾ ووٽن جي لحاظ سان پي ٽي آءِ،ڪافي ووٽ ڪٽيندي،سوال آھي تھ پي ٽي آءِ يا تحريڪ لبيڪ ڪنھن جا ووٽ خراب ڪنديون، ان جو جواب ھي آھي تھ اھي پ پ پ کي گھٽ پر ايم ڪيو ايم ئي وڌيڪ نقصان ڏينديون.
جماعت اسلامي بھ ڪافي وقت کان جنھن طريقي سان مسلسل سرگرميون ڪري رھي آھي ان مان اھو محسوس ٿي رھيو آھي آھي تھ اھا ڪجھه تڪن تي وڏو مقابلو ڪري سگھي ٿي، يا ووٽن جو فرق صفا ٿورو رھندو.
ھن وقت ايم ڪيو ايم اھڙي جماعت آھي جنھن جي لاءِ ھي چونڊون زندگيءَ ۽ موت جو مسئلو بڻجي ويو آھي،باقي پارٽيون پڻ سيٽون حاصل ڪرڻ لاءِ ھر طرح جو زور لڳائينديون پر ايم ڪيو ايم پاڪستان کي ويجھي ماضي ۾ ٿيل سياسي نقصان جي پورائي ڪرڻ جو گھڻو فڪر آھي،ڇاڪاڻ جو سيٽن لوز ڪرڻ سان ان جماعت جي اھيمت گھٽجي ويندي.
ايم ڪيو ايم ھڪ ئي وقت شھر جي گھڻين جماعتن سان مقابلي لاءِ سرگرم آھي تھ ان وچ ۾ ئي ايم ڪيو ايم لنڊن پاران پنھنجي آزاد اميدوارن جي حمايت جي ڪيل اعلان ايم ڪيو ايم کي وڌيڪ پريشان ڪري ڇڏيو آھي.
ھر دور ۾ ھر جماعت سان اتحاد ڪري مزا ماڻيندڙ جماعت چونڊن جي دور ۾ وري اتحادي جماعتن کي شديد تنقيد جو نشانو بڻائيندي آھي پر عوام جو وڏو حصو جڏھن ايم ڪيو ايم جي اثر کان نڪري ويو آھي تھ اھو اھڙي بي اصولي سياست تي ڪاوڙيل پڻ آھي. فائدو گھڻي ڀاڱي پ پ پ کي ٿيندي نظر اچي رھيو آھي.
ڪراچي شھر جو مينڊيٽ ڪھڙي پارٽي جي ھٿ ۾ ھوندو ان بابت ڪجھه چوڻ وقت کان اڳ جي ڳالھھ آھي پر پاڪستان پيپلزپارٽي ٻين جي مقابلي ۾ وڌيڪ بھتر پوزيشن ۾ ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان ٻين سمورين جماعتن کان وڌيڪ دٻاءَ ۾ آھن،ووٽر جو ڪھڙو فيصلو ھوندو اھو اليڪشن جي واري ڏينھن پتو پوندو، پر سمورين جماعتن ۾ سيٽن جي ورھائجڻ جو امڪان ڏيکاريو پيو وڃي، پ پ پ ،جماعت اسلامي،ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ سيٽون کڻي وينديون.باقي جماعتون ووٽ ڦٽائڻ جو ڪم ڪنديون.