ميرپورخاص:پ پ اميدوار ذوالفقار شاهه فائرنگ ۾ سخت زخمي

ميرپورخاص(رپورٽ:صالح اوٺو)پي ايس 46 تي پ پ اميدوار ذوالفقار علي شاهه جي گاڏي تي فائرنگ،شديد زخمي، تفصيل  موجب پي ايس 46 تي پ پ اميدوار سيد ذوالفقار شاهه جي گاڏي تي باءِ پاس وٽ اڻ ڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، گولي لڳڻ ڪري ذوالفقار شاهه سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپورخاص پهچايو ويو، جيالن جو وڏو انگ اسپتال پهچي ويو جڏهن ته پوليس ۽ رينجرز جا وڏا اٽالا به اسپتال پهتا،شروعاتي طبي امداد بعد ذوالفقار شاهه کي نازڪ حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو،کيس ڳچيءَ وٽ گولي لڳي آهي،ذريعن موجب سندس گاڏي تي ڇهه ست فائر ڪيا ويا،پرسنل اسسٽنٽ چيو ته خبر ناهي ڪير ماڻهو هئا،فائرنگ مان لڳي پيو ته کيس قتل ڪرڻ جو ارادو هئن،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.