پي سي بي چيئرمين جي سڀاڻي چونڊ، محسن نقوي مضبوط اميدوار

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) جي نئين چيئرمين پي سي بي گورننگ بورڊ جي خاص اجلاس ۾ سڀاڻي ٿيندو.
پي سي بي گورننگ بورڊ جو خاص اجلاس اليڪشن ڪمشنر شاهه خاور طرفان طلب ڪيو ويو آهي.
پي سي بي گورننگ بورڊ جو خاص اجلاس منجهند ٻه وڳي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ ٿيندو جنهن ۾ پي سي بي چيئرمين جي چونڊ ڪئي ويندي.
پنجاب جو نگران وڏو وزير محسن نقوي پي سي بي چيئرمين لاءِ مضبوط اميدوار آهي.
گورننگ بورڊ ۾ پيٽرن جا ٻه نمائندا محسن نقوي ۽ مصطفيٰ رمدي شامل آهن.
ان کانسواءِ آزاد ڄمون ڪشمير، ڊيرا مراد جمالي، لاڙڪاڻو، بهالپور، سوئي سدرن گئس، غني گلاس، اسٽيٽ بئنڪ ۽ پي ٽي وي گورننگ بورڊ جو حصو آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.