پاڪ – چين ٻه طرفي واپار ۾ وڏي واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال جي پهرين 7 مهينن ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٻه طرفي واپار ۾ وڏي واڌ ٿي آهي.
ذريعن موجب جولاءِ کان جنوري تائين پاڪستان جون چين لاءِ برآمدون 46 سيڪڙو وڌي ويون، اهي برآمدون هڪ ارب 72 ڪروڙ 14 لک ڊالر رهيون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل سال ان ئي عرصي ۾ چين لاءِ برآمدن جو ڪاٿو هڪ ارب 18 ڪروڙ ڊالر هو.
حڪومتي ذريعن موجب جولاءِ کان جنوي تائين چين کان درآمدون 7 ارب 71 ڪروڙ ڊالر رهيون، جيڪي گذريل سال ان ئي عرصي ۾ 7 ارب 66 ڪروڙ ڊالر هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.