”رضوان مختلف قسم جو ماڻهو آهي“ شاهين شاهه وڏا انڪشاف ڪري ڇڏيا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان کي ٽيم لاءِ ڪرنگهي جي هڏي قرار ڏئي ڇڏيو.
سوشل ميڊيا تي مداحن لاءِ گفتگو وارو خاص سيشن ۾ شاهين آفريدي انڪشاف ڪندي چيو ته محمد رضوان هڪ مختلف قسم جو ماڻهو آهي، ٽيم ۾ سڀ کيس ” جنتي “ ڪوٺيندا آهن.
هن چيو ته رضوان جي ڪري ٽيم ۾ سڀ باجماعت نماز پڙهندا آهن، هو ٽيم ۾ هر هڪ لاءِ مددگار آهي، جنهن کي به مشورو گهربل هوندو آهي رضوان وٽ پهچندو آهي.
شاهين ٻڌايو ته رضوان کي پاڪستان ٽيم لاءِ ڪرنگهي جي هڏي چئي سگهجي ٿو.
پاڪستاني ٽيم ۾ شادين بابت شاهين چيو ته رضوان سندس لاءِ دل سان دعا ڪئي هئي ته جلد شادي ٿئي ان کانپوءِ واقعي شادي ٿي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.