پندرهن منٽن جي برسات پندرهن سالن جي نااهلي ٻڌائي ڇڏي: نهال هاشمي

 ڪراچي (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ نهال هاشمي چيو آهي ته ڪراچي ۾ 15 منٽن جي برسات 15 سالن جي نااهلي جي ڪهاڻي ٻڌائي ڇڏي. ڪراچي جي علائقي گلشن معمار ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 235 ۾ جلسي کي خطاب ڪندي نهال هاشمي چيو ته 15 سالن ۾ شهر کي بدنامي کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو ويو. هن چيو ته پ پ حڪومت 15 سالن کان اقتدار ۾ رهڻ باوجود 15 ڪم نٿي ڳڻائي سگهي. نهال هاشمي وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو کي بحث جي خواهش هئي، ڪالهه قدرت واري پوري ڪري ڇڏي. هن چيو ته ڪراچي ۾ 15 منٽن جي برسات 15 سالن جي نا اهلي جي ڪهاڻي ٻڌائي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.