بي آءِ ايس پي ذريعي عورتن پنهنجي نياڻين کي ڊاڪٽر بڻايو: آصفا ڀٽو

سکر ( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ آصفا ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻين پارٽين کي رڳو اقتدار جي لالچ آهي، اسان عوام کي حق ڏيارڻ چاهيون ٿا.
سکر ۾ چونڊ ريلي کي خطاب ڪندي آصفا ڀٽو زرداري چيو ته شهيد بينظير ڀٽو عورتن جي حقن لاءِ وڙهندي رهي، هن عورتن جي زندگي بهتر بڻائي.
هن چيو ته شهيد بي بي کي اسان کان کسيو ويو، جنهن کانپوءِ اِهو علم آصف علي زرداري کنيو، عورتن بي آءِ ايس پي ذريعي پنهنجي نياڻين کي ڊاڪٽر بڻايو.
سندس چوڻ هو ته بلاول ڀٽو واعدو ڪيو آهي هو غريب مظلوم لاءِ ڪم ڪندو، هو واحد سياستدان آهي جيڪو غريب عوام لاءِ وڙهي رهيو آهي.
سندس چوڻ هوته عوام کي حق ڏيارينداسي جڏهن ته ٻين پارٽين کي رڳو اقتدار جي لالچ آهي، پ پ عوام لاءِ سياست ڪري ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.