قانون حرڪت ۾ آيو ته پاڻ کي مظلوم پيا چون: مولانا فضل الرحمان

لڪي مروت (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هاڻي هنن خلاف قانون حرڪت ۾ آيو آهي ته هو پاڻ کي مظلوم چئي رهيا آهن.
پشاور جي ضلعي لڪي مروت ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جمعيت علماءِ اسلام هڪ تحريڪ جو نالو آهي ۽ جماعت سدائين غريبن جي نمائندگي ڪئي آهي.
هن چيو ته عمران خان پاڪستان دشمن ملڪن کان لکين ڊالر وصول ڪيا آهن ۽ هاڻي ايماندار بڻجي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آ3 جي حڪومت عوام جو روزگار ختم ڪرڻ جي ايجنڊا تي ڪم ڪندي رهي ۽ اعلان اهو ڪيو ته هڪ ڪروڙ نوڪري ڏينداسين، 50 لک گھر ٺاهي ڏيڻ بدران 50 لک گھر ڊاهي ڇڏيا.
جي يو آءِ سربراهه چيو ته عمران خان هاڻي جيل ۾ پيو آهي، مديني جي رياست جا نعرا هڻندڙن کان ڪو پڇي ته مديني جي رياست ڪنهن کي چوندا آهن.
عمران خان جي حوالي سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته چون ٿا ته اسان جي خلاف ڪجهه نه ٿئي باقي سڀني خلاف قانون حرڪت ۾ اچي، هاڻي هنن خلاف قانون حرڪت ۾ آيو آهي ته چون ٿا ته اسان مضلوم آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.