هانيا عامر جي ايندڙ مهيني شادي!، وڊيو وائرل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور ميڪ اپ آرٽسٽ بابر ظهير چيو آهي ته اداڪارا هانيا عامر ايندڙ مهيني شادي ڪري رهي آهي.

گلوڪار عاصم اظهر سان بريڪ اپ کان پوءِ هانيا عامر جا مداح اداڪارا جي شادي جي انتظار ۾ آهن ته هوءَ ڪڏهن ۽ ڪنهن سان شادي ڪندي.

انسٽاگرام تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هانيا عامر پنهنجي ميڪ اپ آرٽسٽ بابر ظهير سان کان پنهنجا وار ٺهرائي رهي آهي.

وڊيو ۾ ميڪ اپ آرٽسٽ چوي ٿو ته ايندڙ مهيني هانيا عامر جي شادي ٿي رهي آهي، اِهو ٻڌي اداڪارا مونجهاري جو شڪار ٿي وڃي ٿي.

واضح رهي ته ماضي ۾ هانيا عامر ۽ گلوڪار عاصم اظهر وچ ۾ رومانوي لاڳاپا هئا، بعد ۾ جوڙي جو بريڪ اپ ٿي ويو هو جنهن کان پوءِ عاصم اظهر اداڪارا ميرب علي سان مڱڻي ڪري ڇڏي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.