بمرا جي يارڪرز جي هر هنڌ هاڪ، عمران خان ۽ شعيب اختر جو رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيائين

وشاڪاپٽنم ( ويب ڊيسڪ ) انگلينڊ خلاف پنج ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ دوران ڀارتي فاسٽ بالر جسپريت بمرا جي شاندار يارڪر انگلش بيٽرز جون وڪيٽون اُڏائي ڇڏيون، جنهن تي ڪامينٽيٽر ۽ ڪرڪيٽ شوقين داد ڏيڻ کانسواءِ نه رهي سگهيا، ان سان گڏوگڏ بمرا اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان عمران خان کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.
ڀارتي فاسٽ بالر جسپريت بمرا انگلينڊ خلاف جاري ٻي ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن شاندار يارڪر سان اولي پوپ کي پويلين جو رستو ڏيکاريو.
جسپريت بمرا جو شاندار يارڪر ڏسي اولي پوپ به دنگ رهجي ويو.


وشاڪاپٽنم ۾ جاري ٽيسٽ ميچ دوران جسپريت بمرا غيرمعمولي بالنگ جو مظاهرو ڪندي انگلينڊ جي ٽن اهم بيٽرن، جوئي روٽ، اولي پوپ ۽ جوني بيئرسٽو کي پويلين ڀيڙو ڪيو.
اولي پوپ جي وڪيٽ انڪري اهم هئي ڇو ته هن حيدرآباد ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ دوران انگلينڊ کي وڏي شڪست کان بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو.
اولي پوپ جي وڪيٽ وٺڻ کانپوءِ بمرا ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 150 شڪار مڪمل ڪري ورتا.
اهڙي طرح بمرا اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان ۽ فاسٽ بالر شعيب اختر کي پوئتي ڇڏي ڏنو هو تيز ترين 150 وڪيٽون وٺندڙ پهريون ايشيائي فاسٽ بالر بڻجي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.