40 سيڪڙو پاڪستان پنهنجي پسنديدهه پارٽي جي اميدوار کان بي خبر نڪتا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) 8 فيبروري تي عام چونڊون ٿي رهيون آهن پر 40 سيڪڙو پاڪستان پنهنجي پسنديدهه پارٽي جي اميدوار کان بي خبر آهن.
عوامي راءِ ڄاڻڻ جي حوالي سان مشهور اداري گيلپ پاڪستان اليڪشن مهم جي حوالي سان نئين سروي پڌري ڪئي آهي.
سروي ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته 40 سيڪڙو پاڪستاني پنهنجي پسنديدهه پارٽي جي اميدوار کان بي خبر ۽ نالو به نه ٻڌائي سگھيا جڏهن ته 45 سيڪڙو ماڻهن درست نالو ٻڌايو.
سروي ۾ 27 سيڪڙو پاڪستان پنهنجي پسنديدهه جماعت جي چونڊ نشان کان به اڻ واقف آهن سندن چوڻ آهي ته پارٽي جو چونڊ نشان ياد ناهي.
پارٽي چونڊن کان بي خبري ظاهر ڪندڙن ۾ 40 سيڪڙو پي ٽي آءِ، 27 سيڪڙو پيپلز پارٽي جڏهن ته 11 سيڪڙو ن ليگ جا ووٽرز نظر آيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.