لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر لڳ بقاپور ٿاڻي جي حد اوٺا چوڪ ويجهو هٿياربندن موٽرسائيڪل سوار اعجاز مينگل کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي هٿياربندن کيس گوليون هڻي فرار ٿي ويا، مقتول جو لاش ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو ٻئي پاسي وارثن مقتول جو لاش ايس ايس پي چوڪ تي رکي ڌرڻو هنيو جتي هنن پوليس خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي مقتول جي چاچي نور احمد بروهي ٻڌايو ته مون پنهنجي ڀائيٽي اعجاز مينگل کي عام چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ لاڙڪاڻي گهرايو جتي هو ڪوثر مل پاڙي ۾ اسان وٽ ترسيل هو اڄ هو باقراڻي ريلوي اسٽيشن تي مائٽن سان ملڻ بعد واپس لاڙڪاڻي اچي رهيو هو ته اوٺا چوڪ وٽ ھٿياربند ڦورن کانئس موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ دوران مزاحمت تي کيس گوليون هڻي قتل ڪيو آهي جنهن جي قتل جي ذميوار لاڙڪاڻو پوليس آهي. هنن مطالبو ڪيو ته قاتلن کي گرفتار ڪري انجام تائين پهچايو وڃي. ان موقعي تي جي يو آءِ اڳواڻ محمود الحسن سومرو چيو ته لاڙڪاڻي سميت پوري سنڌ ۾ بدامني عروج تي آهي، پوليس عام ماڻهن کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، فوري طور نوجوان جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.