وڇوڙا اوچتو ناهن ٿيندا

تحرير: شازيه مظهر

پارڪ ۾ واڪ ڪندي عظيم صاحب دل جي دوري جي سبب گذاري ويا. ھيءَ خبر  عظيم جي دوستن ۾ جھنگ جي باهه جيان پکڙجي وئي.يار ڪلاڪ اڳ ته ھو منھنجي گھر آيو ھو، اسان سٺي ڪچھري ڪئي هئي. ھو ته تمام ھشاش بشاش ۽ خوش پئي لڳو، ڪنھن به قسم جي پريشاني جا آثار  به  نه ھيس چھري تي.

بس يار اھا ئي آھي زندگي، پل جي خبر ناھي ۽ اسان پلاننگ ڪندا آھيون صدين جون. عظيم صاحب معاشي طور ھڪ خوشحال انسان ھو. ھن وٽ پيسي جي ڪمي به نه ھئي الائي ڪھڙي پريشاني ٿيس جو اسان کان اوچتو وڇڙي ويو. دلبر دوست ھو دوستي نڀائڻ وارو ماڻھو ھو.بس مٺا اھائي آھي زندگي. سڀاڻي اسان لاءِ  به اھو ئي چيو ويندو. استاد بخاري ڇا ته خوب چيو آهي ته،

پيار درياهه آ درياهه به لٽجي ٿو وڃي

نيٺ انسان آ انسان به مٽجي ٿو وڃي.

سو اوچتو ھليا وينداسين ھي جھان ڇڏي  ڀروسو ڪونھي ھن بي يقين حياتي تي. عظيم صاحب جا دوست زندگي جي بي ثباتي تي تبصرو ڪري رھيا ھيا ۽ پنھنجي دوست کي ياد ڪري ھنجون ھاري رھيا ھيا.

اڪثر اسان اھو ٻڌندا رهندا آھيون ته ڦلاڻي ماڻهوءَ جي طبيعت اوچتو خراب ٿي پئي ۽ ھو گذاري ويو يا گذاري وئي. پر حقيقت ان کان صفا ابتي آھي. اوچتو موت ضرور ٿيندو آهي پر بيماري اوچتي ناھي ايندي. عام بخار به ٻه ٽي ڏينهن وٺندو آهي. بي شڪ زندگي ۽ موت رب سائين جي ھٿ ۾ آھي ۽ موت جو ھڪ ڏينھن طئي آھي جيڪو ٽري نٿو سگھي پر ڪڏھن ڪڏھن اسان جي لاپرواهي اسان کي موت جي منھن ۾ ضرور وجھي ڇڏيندي آهي. اسان ننڍين بيمارين کي نظر انداز ڪندا آھيون جيڪي وڃي وڏين بيمارين جي شڪل اختيار ڪنديون آهن.

اسان جو ھڪ مائٽ ٿائيرائيڊ کي نظر انداز ڪندو رھيو اھو چئي ته اھا بيماري پاڪستان ۾ ھر ننڍي وڏي کي آھي ۽ ھو بظاھر چاڪ ۽ چڱو نظر ايندو هو. زندگي جا ڪم ڪار عام روٽين وانگر ڪندو ھو پر ٿڪاوٽ ضرور محسوس ڪندو ھو جنھن تي هو ڌيان نه ڏيندو هو. ھڪ ڏينھن اوچتو بي ھوش ٿي پيو ڇاڪاڻ جو ٿائيرائيڊ جي بيماري ھن جي جسم ۾ ڪينسر جي شڪل اختيار ڪري چُڪي ھئي ۽ ائين ھو اوچتو ڪينسر جو مريض بڻجي ويو ۽ پوءِ  ھي جھان ڇڏي ھليو ويو.

اسان پنهنجي زندگي جي معمول ۾ پنھنجي جسم کي وساري ڇڏيو آهي. جسم ھڪ گھر جيان آهي جيئن اسان پنهنجي گھر جو خيال رکون ٿا، روز صفائي ڪندا آھيون شيون جاءِ تي ٺاھي رکندا آھيون ميرن ٿانون کي صاف ڪندا آھيون تيئن ئي جسم به اھڙو ئي خيال گھري ٿو. اڪثر ڪري عورتون ڇاتي جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿي وينديون آهن پوءِ  انھن جون وڏيون چونديون آهن ته امان ڪجھه به نه ھيس، بس ھڪ ڳوڙھي ٿي جنھن مان ھي ڪني بيماري ٿي پئي پر ھيءَ ڳوڙھي ھڪ ڏينھن ۾ يا اوچتو ته  ظاھر نه ٿي ھوندي. ھي يقينن ڪافي عرصي کان جسم جو حصو ھوندي جنھن کي ڏسڻ جي ضرورت ئي نه ٿي ڇو جو ھن کي ڪا تڪليف نه ھئي پر اڪثر ڊاڪٽر چوندا آهن ته عورتون پنهنجي ڇاتي جي چڪاس ڪنديون رھن ۽ اھو به چيو ويندو آهي ته ھر عورت سال ۾ ھڪ دفعو ميمو گرافي ضرور ڪرائي، سال ۾ نه ته زندگي ۾ ھڪ ڀيرو ته ضرور ڪرائي پر اسان پنهنجي زندگي جي مسئلن ۾ ايترا سوگها ھوندا آھيون جو زندگي کي ئي وساري ڇڏيندا آھيون.

ڊينگي ڪنھن دور ۾ تمام خطرناڪ مرض تصور ڪيو ويندو هو ۽ ان مان بچڻ مشڪل لڳندو هو پر ھاڻي ان جو علاج ممڪن آهي پر بروقت تشخيص جيڪا اسان وٽ لاپرواهي جي ڪري ناھي ٿيندي ۽ اڄ به ڊينگي اسان وٽ موت جو سبب بڻيل آهي ڇو ته بخار کي عموماً اسان عام بيماري طور ليکيندا آھيون اسان اڪثر ڪنھن جي تعزيت تي ويندا آھيون ته اھوئي ٻڌندا آھيون ته بخار ھيس عام گلي جي ڊاڪٽر کي ڏيکاريو جنھن antibiotics  ڏنيون ۽ بس ٺيڪ نه ٿيو پوءِ  اوچتو طبيعت وڌيڪ خراب ٿي اسپتال تائين نه پھتاسين رستي ۾ گذاري ويو. ھاڻي علاج جڏھن ته آسان ٿي ويو آهي سب کان پھريان جڏھن به بخار ٿئي سب کان پھريان ڊينگي ۽ مليريا جو ٽيسٽ ڪرايو ۽ گڏ ڪلچر به  ڪرائي ڇڏيو پر اسان وٽ بدقسمتيءَ سان جيڪي سرندي وارا آھن ۽ ٽيسٽ ڪرائڻ جي طاقت به رکن  ٿا اھي به انهن ڳالھين کي نظر انداز ڪن ٿا ۽ پوءِ  اوچتو زندگي مان ھٿ ڌوئي ويھن ٿا.

اسان جو ھڪ ڊرائيور جنھن جي ڪافي عرصي کان طبيعت خراب رھندي ھئي ھو جيڪو کائيندو ھو هضم ڪونه ٿيندو ھيس. گلي جي ننڍي ڪلينڪ مان علاج ڪرائيندو ھيو ھتي جو ڪمپائونڊر نئين سرنج ڪون واپرائيندو ھيو ھڪ سرنج مان ٻه  ٽي مريض ڪڊي وٺندو ھيو نتيجي ۾ ھن ڊرائيور کي ايڊز جھڙي مھلڪ بيماري ٿي پئي جنھن جي باري ۾ ھن ڪنھن کي به ناھي ٻڌايو سواءِ پنھنجي ويجهن ماڻھن جي. ھاڻي جيڪڏھن ھن جي وفات ٿيندي ته ھر ڪو چوندو ته ھي فلاڻو اوچتو مري ويو جڏھن ته ھي ھن مرندڙ کي خبر ھوندي ته ھن ڪيترو عرصو ڪيتري تڪليف سھي آهي. اھڙي ريت پيٽ ۾ اپينڊڪس ڦاٽي پوندو آهي ته موت لاحق ٿي پوندي آهي پر ھي اپينڊڪس به اوچتو ناھي ڦاٽي پوندو تمام گھڻو پيٽ ۾ سور ٿيندو آهي جيڪو برداشت کان ٻاھر ھوندو آھي پر اسان گيس جي تڪليف سمجھي ڦڪيون ستيون ڪندا آھيون ۽ مري پوندا آھيون.

اڪثر ڪارڊيڪ اريسٽ موقعو ڏيندو آهي ته جلد ڪو اپاءُ وٺجي پر اسان جا سادا ۽ اٻوجهه ماڻھو ان کي به گيس جي شڪايت سمجھي گھر ۾ ئي علاج ڪندا آهن جئين اسان جي پاڙي ۾ ھڪ ماڻھوءَ کي ڪارڊيڪ اريسٽ ٿيو جيڪو تقريباً ٽي ڏينھن ھليو ۽ پوءِ  هو گذاري ويو. ايئن ھارٽ فيل ٿيڻ کان اڳ رب سائين جي طرف کان اسان کي علامتون ظاھر ٿينديون آهن پر اسان انھن کي نظر انداز ڪندا رھندا آھيون. ڪڏھن زندگي جي مصروفيتن جي ڪري   ڪڏھن پنھنجو شڪ سمجھي  لنوائيندا آھيون چاليھه ورھين کان پوءِ  اسان کي پنھنجو شوگر، بلڊ پريشر ۽ ڪوليسٽرول ڪنٽرول ۾ رکڻ گھرجي پر اسان جا ڪجھه ڀائر ۽ ڀينرون ھڪ عجيب لاجڪ ڏيندا آهن ته اسان  چيڪ ئي ڪونه ڪرايون، اجايو بيماريون نڪريو اچن. ھتي شاھ سائين جو بيت ياد اچي ٿو ته

مون سين مون پرين ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا

پر خدارا شاھ سائين به ھتي اھڙي ڀورائپ نٿو گھري. سو عظيم صاحب به ضرور اھڙي ڪا لاپرواهي صحت جي معاملي ۾ ڪئي ھوندي جيڪا اسان کان پوشيده آهي

اھڙيون الاھي لاپرواھيون آھن جيڪي اسان صحت جي معاملي ۾ ڪندا آھيون  جن لاءِ مونکي ھڪ ٻيو ڪالم به لکڻو پوندو. سو زندگي وڏي نعمت آهي ان جو قدر ڪيو ڪڏھن ڪڏھن انسان زندگي جي ڏکن دردن کان بيزار ٿي موت جي دعا ته گھرندا آھن پر  سچ چوان ته زندگي انھن کي به پياري ھوندي آھي تڏھن ته اسان جي سنڌ جو ڏاھو شاعر انور پيرزادو چوي ٿو ته،

زندگي ڪيڏي به رکي

ڪيڏي به ڏکي

ڪيڏو به ڏچو

جي سچ پڇو

موت کان پياري آھي

زندگي فطرت جو انمول تحفو آهي ھن کي حفاظت اسان تي فرض آهي نه ته جسم جي قيد مان روح جو پکي اوچتو  پرواز ڪري ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.