عالمي منڊي ۾ پاڪستاني چانور جي گھرج 50 سيڪڙو وڌي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي منڊي ۾ پاڪستاني چانور جي گھرج ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.
چانورن جي عالمي منڊي مان ڀارت آئوٽ ۽ پاڪستان اِن ٿيو آهي، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب پاڪستان هلندڙ مالي سال جي پهرين 6 ماهي ۾ ڏيڍ ارب ڊالر ماليت جا چانور برآمد ڪيا آهن.
جنسن جي ماهر شمس الاسلام خان جو اندازو آهي ته پاڪستان هلندڙ مالي سال 3 ارب ڊالر ماليت جا رڪارڊ 50 لک تن چانور برآمد ڪندو.
واضح رهي ته چانورن جي عالمي واپار ۾ ڀارت جو حصو 40 سيڪڙو پر اليڪشن کٽڻ لاءِ مودي سرڪار چانور برآمد ڪرڻ تي جولاءِ کان پابندي لڳائي رکي آهي.
فيصلي سان ڀارت ۾ چانور جي قيمت گھٽ ٿيندي پر دنيا جي تقريبن 150 ملڪ ڀارتي فيصلي سان چانور جي مهانگائي محسوس ڪري رهيا آهن.
پر پاڪستان کي ڀارتي فيصلي جو فائدو ٿيو آهي، اسٽيٽ بئنڪ موجب پاڪستان هلندڙ مالي سال جي پهرين 6 ماهي ۾ ڏيڍ ارب ڊالر ماليت جا 25 لک ٽن چانور دنيا کي وڪرو ڪيا آهن.
ڀارتي پابندي کي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن بنا جواز قرار ڏنو آهي، گڏيل قومن ورلڊ فوڊ پروگرام جي چانور خريداري ٽينڊر ۾ ڀارتي ايڪسپورٽرز کي واڪ ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.
ان دوران پاڪستاني چانور مختلف ملڪن تائين پهچي رهيا آهن، عام اندازا آهن ته پاڪستان هلندڙ مالي سال دنيا کي رڪارڊ چانور وڪرو ڪندو.
پاڪستان چانور روس، ميڪسيڪو ۽ انڊونيشيا برآمد ٿيو، 2023ع ۾ پاڪستان پهرين 6 مهينن ۾ 1 ارب ڊالرز جو چانور ايڪسپورٽ ڪيو هو، برآمد وڌڻ سان پاڪستان ۾ مقامي سطح تي چانور جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.